جهول (رپورٽ: ممتاز شر) ڳوٺ گهنڊن ۾ روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ويل پوليس پارٽي تي حملو، 5 عورتن ۽ 14 مردن سميت 21 ڄڻن تي ڪيس داخل، گرفتار نه ٿي، خبر موجب جهول پوليس گهربل جوابدار عرفان خاصخيلي جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ گهنڊڻ تي ڇاپو هنيو ته ڳوٺاڻن مزاحمت ڪندي پوليس تي حملو ڪري ڏنو ۽ گارگند ڪيو، جنهن دوران روپوش جوابدار فرار ٿي ويو، ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب پوليس بنا ڪارروائي جي واپس موٽي آ.ئي، پوليس بعد ۾ جهول ٿاڻي تي سب انسپيڪٽر اميد علي شر جي فرياد تي 21 ڄڻن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءَ، ڀڃ ڊاهه ۽ حملو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهصي، ڪيس ۾ پنجن عورتن مسمات حليمان، خانزادي، عرفان، آصف خاصخيلي، يامين چانگ ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو آهي، ڪيس داخل باوجود پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، هوڏانهن ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس گهرن ۾ گهڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ۽ گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري سامان کڻي وئي آهي، هنن معاملي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائڻ جي گهر ڪئي.