جهول(رپورٽ: ممتاز شر) جهول ويجهو جمڙائو ڪينال مان نڪرندڙ شاهو واهه ۾ گذريل ٻن مهينن کان پاڻي نه اچڻ سبب هزارين ايڪڙن تي بيٺل مرچن ۽ ڪڻڪ جو فصل سڙي تباهه ٿي ويو آهي، جنهن سان آبادگارن کي ڪروڙين رپين جي نقصان جو انديشو آهي، پاڻي نه اچڻ سبب ان مان نڪرندڙ 10 شاخن جهول شاخ، ڀڙو شاخ، ٽيل شاخ، ٻٽور شاخ، ٿهيم شاخ، سارڪي ڪنڊي شاخ، لياري شاخ، ڪنرو شاخ ۾ پڻ واري اڏامي رهي آهي، تر جي آبادگارن اسرار ٽالپر، عبدالخالق آرائين ۽ ٻين چيو ته پاڻي نه اچڻ سبب بيٺل فصل تباهه ٿي رهيا آهن، هنن چيو ته فصل تان اسان هٿ کڻي ويا آهيون پر صورتحال اهڙي آهي جو مال به اڃ مري رهيو آهي، جنهن لاءِ پڻ پاڻي جو ڍڪ ناهي، هنن چيو ته خبر ناهي اسان کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته شاهو واهه ۾ پاڻي ڇڏي مسئلو حل ڪيو وڃي.