ڄام صاحب (ن پ ا) جھول وارڊ نمبر ٽي جي رھواسڻ 11 ٻارن جي ماءُ 43 سالا راڻي ڌي کمون ڀيل 9 ٻارن جي پي 45 سالا چيتن ولد پرتابيو ڀيل سان شادي ڪري ڇڏي، پريمي جوڙو تحفظ لاءِ پريس ڪلب ڄام صاحب پھتو، راڻي ڀيل دانھيندي چيو ته منھنجو اڳواڻو مڙس رامون ۽ سندس مائٽ مون تي تشدد ڪندا ھئا ۽ بعد ۾ مون کي گھر مان ڪڍي ڇڏيو، جنھن ڪري مون پنھنجي برادري جي چيتن سان رضا خوشي سان شادي ڪئي آھي ۽ ھاڻي اڳوڻو مڙس رامون ۽ سندس مائٽ موتمار ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن ۽ اسان ٻئي دربدري واري زندگي گذاري رھيا آھيون ۽ اسان جو ڪو به نقصان ٿيو ته ان جا ذميوار منھنجو اڳوڻو مڙس رامون ۽ سندس مائٽ ھوندا، اسان اعليٰ اختيارين ۽ وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي زندگي کي خطرو آھي ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي ته جيئن اسان بھتر زندگي گذاري سگھون.