ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ملير مان کنڀيل جهول واسي شهري سهيل بازياب نه ٿيڻ تي  ناراضپو ظاهر ڪيو آهي، درخواستگذار زيب النساءِ چيو ته آئون جهول واسڻ  آهيان، هڪ مهينو اڳ منهنجو مڙس سهيل هڪ شادي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪراچي آيو هو، جنهن کي سکن پوليس کنڀي کڻي وئي، پوليس  مڙس کي مختلف ٿاڻن ۾ رکي 15 لک رپيا طلب ڪيا، اسان کين اڍائي لک رپيا ڏئي چڪا آهيون، عدالت چيو ته ڇا پوليس توهان جي مڙس سان ملاقات يا فون تي مڙس رابطو ڪرايو آهي؟ جنهن تي درخواستگذار چيو ته پوليس مڙس سان رابطو  ناهي ڪرايو ۽ نه ئي مڙس سان ملڻ جي اجازت آهي، عدالت آءِ جي سنڌ، سکن، ٽنڊي آدم ۽ جھول جي ايس ايچ اوز کي نوٽيس جاري ڪندي 29 مئي تائين سهيل بابت رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.