جهول (رپورٽ: ممتاز شر) 1965ع کان قائم هاءِ اسڪول جهول جي بلڊنگ ڪرڻ تي آهي، جنهن سبب 2374 شاگردن تي زندگي داءِ تي لڳل آهي، جهول هائي اسڪول جنهن ۾ 24 سئو کن شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ان جي بلڊنگ جا 15 ڪلاس روم مڪمل طور ڪرڻ تي آهن، جيڪي ڪنهن وقت به ڪري ڪو وڏو جاني نقصان ڪري سگهن ٿا ۽ سوين شاگردن جون زندگيون خطري هيٺ آهن، جڏهن ته اسڪول ۾ پيئڻ جي پاڻي واش رومن جي ڪا به سهولت موجود ناهي، جهول هاءِ اسڪول کي 2003 ۾ هائر سيڪينڊري اسڪول طور اپ گريڊ ڪيو ويو، پر 21 سال گذرڻ باوجود اسٽاف مقرر نه ڪيو ويو آهي، اسڪول ۾ فرنيچر، ڪلاسن، پکن جي کوٽ آهي، جڏهن ته اسڪول ليب ۾ سامان جي سخت کوٽ آهي،جهول جي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر محمد هاشم خاصخيلي، منٺار فقير ڪوري، رائي صبغت الله کرل ۽ ٻين اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته جهول هاءِ اسڪول کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ اسڪول جي نئين بلڊنگ تعمير ڪئي وڃي، اسڪول جي نائب هيڊ ماستر الطاف حسين پنهور پهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف ڪافي ڀيرا لکت ۾ شڪايتون ڪيون آهن، مگر ڪو ايڪشن کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، اسڪول ۾ ڪنهن وقت به ڪو وڏو حادثو ٿي سگهي ٿو، هوڏانهن جهول لڳ ڳوٺ پيروز خان ٿهيم جي بلڊنگ جو ڪم اڌ ۾ پيل شاگرد نٽهڻ اس ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، اسڪول جي بلڊنگ 1985 ۾ ٺهي هئي، جنهن ۾ 100 جي لڳ ڀڳ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ، هيڊ ماستر ارشد قريشي موجب ڏيڍ سال اڳ اسڪول جي مرمت جا پئسا آيا هيا، جيڪو ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي گم ٿي ويو آهي، جنهن سبب معصوم ٻارڙا اس ۾ هيٺ ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن.