واشنگٽن(انٽريسٽنگ نيوز) ماهرن ايمازون جي جهنگ ۾ صدين کان گم ٿيل شهر ڳولهي ورتا آهن. اسٽيفن روسٽن نالي قديم آثارن جي ماهر ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ ايڪواڊور ۾ 20 سال اڳ زمين ۾ دٻيل رود ۽ مٽي جا دڙا هٿ ڪيا پر ان وقت سندس دريافت تي هن کي پاڻ کي به يقين نه هو. هاڻ جرنل سائنس ۾ شايع ٿيل تحقيق ۾ اسٽيفن ۽ ٻين ماهرن ليزر ٽيڪنالاجي سان هن خطي جو نقشو تيار ڪيو آهي. جنهن مان خبر پوي ٿي ته اتي ڪنهن زماني ۾ وسنديون ۽ روڊ موجود هئا جيڪي انڊيز جبل تائين پکڙيل هئا. اسٽيفن موجب هي شهرن جي وڃايل وادي آهي ۽ هي دريافت حيران ڪندڙ آهي. خطي تي 500 ق م ۾ اپانو قبيلي قبضو ڪيو ۽ 300 کان 600ع تائين موجود رهيو. عمارتن جي ويجهو ٻنيون ۽ واهه کوٽيل هئا جڏهن ته اتي روڊ به 33 فٽ ويڪرا ۽ 6 کان 12 ميل ڊگها هئا. ماهرن موجب اتي 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو رهندڙ هئا. اتي مٽي جا گهر ٺهيل هئا.