چوندا آهن ته اڌ سچ سڄي ڪوڙ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي. زهر خالص هوندو ته ڪو به ڄاڻي واڻي ان کي هٿ ڪونه لائيندو. پر جيڪڏهن ان زهر جو معمولي مقدار ڪنھن خوراڪ ۾ مليل هوندو ته اھا خوراڪ سڀڪو شوق سان کائي ويندو ڇو ته کائڻ وارو خوراڪ ۾ زهر جي ملاوٽ کان لاعلم هوندو. زهر جو اهو معمولي مقدار کائيندڙ تي فوري اثر ڪونه ڪندو پر مسلسل استعمال سبب آهستي آهستي اهو زهر کائيندڙ جي جسم ۾ بيماريون، نقص ۽ ڪمزوريون پيدا ڪري ناڪاره بڻائي ڇڏيندو..
40-50 سال اڳ ڳجهه پکين جي آبادي تمام گهڻي هئي. جهنگ جهر ڳوٺن شهرن ۾ جتي به ڪو جانور مري ويندو هو ته ان جي مردار جسم ۾ بدبوءِ پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي ڳجهن جا ولر الائي ته ڪٿان اچي ويندا هئا ۽ ڏينهن اڌ ۾ ئي ان مردار جانور جو گوشت کائي چٽ ڪري ويندا هئا، باقي پويان هڏا بچندا هئا جن کي رولو ڪتا پيا گهليندا هئا. ڳجهه پکي سان ماڻھن جي ڪا دشمني ڪونه ھئي ڇو ته نه ڳجهه ماڻھن جو فصل کائي نه ئي ڪو ٻيو نقصان ڪري، نه ئي ڪو ماڻھو ڳجهه جو گوشت کائي جو انھن کي شڪار ڪري ھا. پر ان جي باوجود به 1990ع کان پوءِ ڳجهه پکين جي آبادي ۾ ڏينھون ڏينھن گهٽتائي ايندي وئي. ان گهٽتائي کي اول ته ڪنھن محسوس به ڪونه ڪيو پر ڪجھه سالن کان پوءِ (لڳ ڀڳ 1996ع) سڀني جا ڪن اڀا ٿيڻ لڳا ته مئل جانورن جا جسم ڌپ ڪري ٿا وڃن پر ڳجهن جو پري پري تائين ڪو نالو نشان ئي نظر ڪونه ٿو اچي؟ آخر ڳجهن جا اھي لشڪر ۽ ولر ڪيڏانھن ھليا ويا؟ حياتيات جا ماھر پريشان ٿي ويا ۽ ڳجهن جي آبادي گهٽجڻ جا سبب ڳولھڻ شروع ڪيائون. گهڻي تحقيق کان پوءِ نيٺ سڀ ان نتيجي تي پھتا ته ڳجهن جي نسل ڪشي جو وڏو سبب کير ڏيندڙ جانورن ۾ diclofenac ڪيميڪل انجيڪشن جو استعمال آھي. اھا انجيڪشن ايجاد ته ڪنھن ٻي مقصد لاءِ ٿي ھئي مگر ”جڳاڙين“ ۽ ”لالچين“ کير ڏيندڙ جانورن ۾ کير وڌائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ھئي. اڌوري ڄاڻ به ائين ھوندي آھي جيئن انڌي جي ھٿ ۾ لٺ يا باندر جي ھٿ ۾ بندوق، پيا ڦيرائيندا ۽ ھلائيندا اھو ڪونه ڏسندا يا سوچيندا ته فائدو ٿو ٿئي يا نقصان، سو ڪنھن اھا انجيڪشن پنھنجي ڍور تي آزمائي ته معمول کان وڌيڪ کير مليو … ھاڻي ان اھو نسخو ٻين کي ٻڌايو ۽ ائين مشھور ٿي ويو ته diclofenac انجيڪشن جيڪا بازار ۾ ملي به عام پئي ۽ قيمت به صفا ٿورڙي، جانور کي ڏھڻ کان پھرين لڳايو ۽ ان مان معمول کان وڌيڪ کير حاصل ڪري جهجهو منافعو ڪمايو. جانور جي قدرتي سگھه کان وڌيڪ ان تي بار رکبو ته اھو جانور پنھنجي عمر کان اڳ ۾ ئي ناڪاره ٿي ويندو يا بيمار ٿي پوندو ۽ مري ويندو، پر لالچ پھريون ئي عقل تي پردو چاڙھي ڇڏيندي آھي ۽ لالچي ماڻھن کي پنھنجي فوري منافعي کان اڳتي ڪجھه سوچڻ ۽ سمجھڻ جي لائق ئي ڪونه ڇڏيندي آھي سو ھتي به ائين ٿيو. کير ڏيندڙ مال وقت کان اڳ ئي ناڪاره ٿي مرندو رھيو. انھن جا مردار جسم ڳجهون کائينديون ويون ته انھن جي گوشت ذريعي diclofenac جو زھر به ڳجهن جي اندر منتقل ٿيندو ويو، جنھن ڳجهن تي اندران ئي اندران اثر انداز ٿي انھن جي قدرتي نظام ھضم کي ناڪاره بنائڻ شروع ڪيو. ان سان گڏ ان زھر ڳجهن جي جنسي صلاحيتن تي به ناڪاري اثر وجھڻ شروع ڪيا. نظام ھضم ۾ ڳجهن جا گُردا (بُڪيون) بيڪار ٿيندا ويا ته ڳجهون ويچاريون جن جي قدرتي سراسري عمر 15 کان 50 سالن تائين ھوندي ھئي اھي تيزي سان مرنديون رھيون. ڳجهن ۾ قدرتي طور تي نسل وڌائڻ جو سلسلو به آھستي ھلندو آھي. آني مان پيدا ٿيل ڳجهه 5-6 سالن کان پوءِ بالغ ٿيندي آھي ۽ بالغ ڳجهون سال ۾ فقط ھڪ ڀيرو ئي ٻچا ڪنديون آھن پر ھڪ يا ٻن آنن کان وڌيڪ ڪونه لاھن. ٻچا ڪرڻ لاءِ به انھن کي آکيرا ٺاھڻ لاءِ وڏا ڊگها وڻ انساني آبادين کان پري پرسڪون ماحول ۾ گهرجن. 1990ع کان پوءِ اسان اھي جهنگ ٻيلا ۽ وڻ به ختم ڪري ڇڏيا جن تي ڳجهون پنھنجا آکيرا ٺاھي نسل وڌائينديون ھيون، انھن جي خوراڪ ۾ زھر ملائي ڇڏيو. نتيجو اھو نڪتو جو 8-10 سالن جي مختصر عرصي اندر اسان وٽان ڳجهن جو تقريبن خاتمو ئي ٿي ويو.
اھو ھڪڙو مثال سمجھاڻي لاءِ وڏو سبق آھي. ساڳيو حشر اسان پنھنجي ڌرتي جي ٻي جهنگلي حيات سان به ڪري رھيا آھيون. زرعي بيراجي ايراضي واري سنڌ مان قدرتي جهنگلي جانور توڙي ٻي جيوت تقريبن نيست نابود ئي ٿي چڪي آھي. درياھه جي ٻنھي پاسن سان جهنگ ٻيلا اسان جي ”آقائن“ ”نام نھاد محافظن“ اھو چئي ختم ڪري ڇڏيا ته اھي ” ملڪ دشمن“ ماڻھن جون پناھه گاھون آھن. انھن محافظن ۽ آقائن ” ترقي“ جي نالي تي ٻاھرين ملڪن کان خيراتون ۽ قرض وصول ڪري تباھي جا اھڙا اھڙا منصوبا ھلايا جن جو تفصيل لکجي ته سوين ڪتاب ٺھي وڃن. انھن منصوبن مان حاصل ٿيندڙ ڪميشن ۽ رشوت جي ناڻي کي استعمال ڪندي انھن ڪيمڪل ۽ زھر ( جن کي انھن ڀاڻ ۽ دوائن جا نالا ڏئي ڇڏيا آھن) جا ڪارخانا ۽ ڪاروبار وڌايا ته جيئن اھو ناڻو وڌندو رھي. انھن ڪيميڪلز ۽ زھرن سبب بيراجي زرعي علاقن مان قدرتي جهنگلي جيوت ڪٿي ٿي سلامت رھي سگھي؟ باقي بچيا بياباني علائقا جن ۾ ٿر جو ريگستان، کيرٿر جو جابلو علائقو ۽ سمنڊ جي ويجھڙائي ۾ ساحلي پٽي ۽ ٻيٽ. انھن مان ساحلي پٽي ۽ ٻيٽ به ”دفاع“ ۽ ”ترقي“ جي نالي تي ” محافظن“ ۽ ”آقائن“ پنھنجي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ ڪري ڇڏيا. ٿر جي ريگستان جي بدنصيبي ان جي واري ھيٺان لڪل ڪوئلي جي ظاھر ٿيڻ سان شروع ٿي ويئي. ايندڙ 30-40 سالن ۾ ٿر رھندو ئي ڪونه، ھر پاسي رڳو ڪوئلي جي زھريلي خاڪ ۽ واري پئي اڏامندي. ڪارونجھر ڪپجي ڪورجي بنگلن، محلاتن جي فرشن جي زينت بڻجي ويندو. کيرٿر جنھن نموني استعمال ٿئي پيو اھو به بحريه ۽ ڊفينس بڻجي ويندو جن ۾ رھندڙ ”آقا“ شوق شڪار ۽ پڪنڪ ملھائڻ لاءِ بچيل کچيل جيوت ماري جشن ملھائيندا.
پر جيستائين اھو سڀ ٿئي تيستائين اسان وٽ ٿورو وقت بچيل آھي ته کيرٿر ۽ ٿر جي ريگستان ۾ موجود جهنگلي حيات کي بچائي انھن جي آبادي وڌائي سگھجي. دنيا جون حالتون جيڪي ھلن پيون ان ۾ اسان وٽ پنھنجي وجود بچائڻ جو به اھو ئي واحد رستو بچيو آھي ته اسان ھر حالت ۾ پنھنجي علائقي جي جهنگلي حيات کي بچايون ۽ انھن جي حفاظت ڪريون. اھا جهنگلي حيات ئي دنيا جھان کي اسان جو قومي وجود ۽ ڌرتي بچائڻ تي مجبور ڪندي. اھي طاقتون جيڪي پنھنجي مفادن خاطر اسان جي ڌرتي کي تاراج ڪندڙ قوتن کي طاقتور بڻائي رھيون آھن، اھي ساڳيون طاقتون انھن تاراج ڪندڙ قوتن جو خاتمو ڪري سگھن ٿيون جيڪو اھي صرف ان ئي حوالي سان ڪنديون ته جيئن ھتي جهنگلي حيات ۽ قدرتي ماحول سلامت رھي سگھي.
اھا بچيل کچيل جهنگلي حيات تڏھن سلامت رھي سگھي ٿي جڏھن انھن علائقن ۾ مقامي وڻ ٻوٽا گاھه ۽ جڙي ٻوٽيون سلامت ھوندا. جيڪڏھن انھن علائقن ۾ ترقي يا سونھن جي نالي تي ھائبرڊ، ڌاريا وڻ، گاھه، ٻوٽا يا جڙي ٻوٽيون ڦھلائبيون ته اھي پنھنجي جهنگلي حيات کي ائين ختم ڪندا جيئن کير وڌائڻ واري 10 رپين جي انجيڪشن اسان جي سنڌ مان مالوندن جا وٿاڻ ختم ڪيا، کير ختم ڪيو، ڏڌ، مکڻ سچو گيھه ختم ڪيو. خالص خوراڪ ختم ڪئي ۽ ان سان گڏ تندرستي ۽ صحت به ختم ڪئي. جيڪو ڪيميڪل ڳجهن جا جيرا بڪيون تباھه ٿو ڪري اھو ئي ساڳيو ڪيميڪل اسان جا به جيرا بڪيون تباھه ٿو ڪري. ھر گهر ۾ ھاڻي جگر، ڪڊني، شگر، بلڊپريشر، دل ۽ ڪينسر جا مريض عام آھن. … (فيس بوڪ تان ورتل)