جھمپير (ن پ ا) جسقم يونٽ جھمپير طرفان اسد گوپانگ، سلطان شورو، احمد سولنگي، مير خان شورو، شھيد ڀٽو اڳواڻ زاھد ڪوھستاني، ايس يو پي اڳواڻ ننگر درس جي اڳواڻي جھمپير ڊرينج سسٽم ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم جي ٺيڪيدارن پاران ڪروڙين رپيا ھڙپ ڪرڻ خلاف ۽ جھمپير جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ جھمپير جي ايم سيد چوڪ کان جھمپير مين باءِ پاس چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ڊرينج سسٽم جو ڪم گذيل ڪافي عرصي کان رولڙي جو شڪار آھي، ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويو آھي، جھمپير گندگي جي ور چڙهي ويو آھي، جھمپير گندو پاڻي ڪينجھر ڍنڊ وڃڻ ڪري بيماريون وڌي ويون آھــن ۽ جھمپير واٽر سپلاءِ جي نئين اسڪيم پائيپ لائين جو ڪم به رولڙي جو شڪار آهي، اڪثر علائقن ۾ پاڻي جو سخت بحران ٿي ويو آهي، اڳواڻن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته جھمپير ڊرينج سسٽم جو ڪم فورن مڪمل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ پبلڪ ھليٿ سروس آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو.