جهمپير ( ن پ ا) جهمپير ۾ ونڊ مل پروجيڪٽ آڏو احتجاج، ڦر ٿيل ويگو موٽرائڻ جو مطالبو تفصيل موجب جهمپير جي رھواسي ٽرانسپورٽر غلام محمد چانگ گل احمد ونڊ پروجيڪٽ اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته گل احمد ونڊ انرجي ڪمپني ۾ منهنجي ويگو گاڏي ماھوار ڀاڙي تي ڏنل ھئي، جيڪا ڪمپني جي ڪم ڪار سانگي ڪراچي وئي، جتان ڪمپني جي ماڻهن کان ڦرجي وئي، جنهن کي ڏهه مهينا گذري چڪا آهن، پر ڪمپني انتظاميه نه گاڏي ٿي موٽرائي نه وري ازالو ڪري رقم ڀري ٿي ڏئي، آئون مسڪين ماڻهو آهيان، منهنجي ٻچن جو گذر سفر ان گاڏي جي ڀاڙي تي ٿيندو آهي، هن وس وارن کان گهر ڪئي ته گل احمد ونڊ ڪمپني وارن کان گاڏي جو ازالو ڪرائي ڏنو وڃي، جڏهن ته عوامي تحريڪ جي ضلعي اڳواڻ شاهه محمد چانگ، رحمان چانگ ۽ ڳوٺاڻن يڪجهتي طور احتجاج ۾ شرڪت ڪري ساڻس انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو.