ٺٽو/جهمپير (نمائندن وٽان) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان جهمپير باءِ پاس کان جهمپير شهر تائين پيادل مارچ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو، مٺا خان لاشاري، شاهه محمد چانگ، بلاول لاشاري، غلام علي زنئور، انور پالاري، امان الله بروهي، صدام چانگ ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 14 مارچ دريائن کي بچائڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان سنڌو درياءَ جي مختلف هنڌن لب مهراڻ سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو پل، دادو مورو پل، المنظر ڄام شورو، دولهه درياھه خان پل ٺٽو، سجاول ۾ سنڌو درياءَ جي ڪناري تي سنڌو کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪري درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف احتجاج ڪيو ويندو، هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ڪوهستان، ڪاڇي سميت سموري سنڌ ۾ قبضاگيري ڪئي پئي وڃي، ذوالفقار آباد، بحريا ٽائون، ڪمانڊر سٽي، ونڊ پاور پروجيڪٽ ڊي ايچ اي سميت مختلف پروجيڪٽن لاءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن قبضو ڪيو پيو وڃي، مقامي ماڻهن کان زمينون ڦري ڪمپنين کي زمينون ڏئي سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته سنڌو درياءَ تي نه ڌاڙو برداشت ڪبو، نه ئي زهريلو مادو، اڳواڻن چيو ته فيڪٽرين جو زهريلو مادو ۽ گٽر سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪري درياهه کي آلودو بڻايو ويو آهي، پاڻيءَ کي آلوده ڪرڻ سبب منڇر ڍنڍ تباهه ٿي وئي آهي، وفاقي سرڪار منڇر کي بحال ڪرڻ بدران حمل ڍنڍ کي به زهريلو بڻائڻ جي سازش ڪري رهي آهي، ڪڇي ڪئنال کان واهه کوٽي ان ذريعي ٻين صوبن جو غلاظت وارو پاڻي حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ وارو واپڊا جو فيصلو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، هن چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ کان مٺو پاڻي کسي سر سبز سنڌ کي گٽر نالو بڻائي رهي آهي، وفاقي سرڪار جو سنڌي قوم سان هٽلر وارو رويو آهي، بلاول شهباز اتحادي سرڪار سنڌو درياءَ جو قتل ڪري سنڌي قوم جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي، هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي سنڌ جو پاڻي فراهم ڪري سنڌي قوم جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي.