جھمپير (ن پ ا) جھمپير ۾ بدامني چورين ڌاڙن ۽ منشيات خلاف پ پ شھيد ڀٽو يونٽ جھمپير پاران پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي وچ شھر ۾ ڌرڻو ھنيو ويو ، ڌرڻي کي خطاب ڪندي زاھد ڪوھستاني، آصف پالاري، مھدي پالاري ، نوح خان بروھي، وقار پالاري، ڪامران بلوچ، فاروق بروھي  ۽ ٻين چيو ته ھڪ ھفتي دوران شھر ۾ ڦر جي وارداتن کان ويندي ڪيتريون ئي چوريون ٿي چڪيون آھن، منشيات سر عام وکر جيان وڪامجي رھي آھي پر پوليس ھينئر تائين ڪو به ٻوٽو ناھي ٻاريو، ھنن چيو ته ڌاڙي ۽ چورين ۾ ملوث جوابدارن کي جيڪڏھن ھفتي اندر گرفتار نه ڪيو ويو ته پ پ شھيد ڀٽو پاران تحريڪ ھلائي ويندي.