جهمپير لڳ سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ فقيراڻي سان مبينا اجتمائي زيادتي، اسپتال منتقل

0
18
جهمپير لڳ سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ فقيراڻي سان مبينا اجتمائي زيادتي، اسپتال منتقل
جهمپير لڳ سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ فقيراڻي سان مبينا اجتمائي زيادتي، اسپتال منتقل

جنگشاھي(ن پ ا) مڪلي جي رھواسڻ ثمينا طرفان ھاليجي تي قائم ثقافت ۽ ٽوئر ازم جي ريسٽ هائوس جي انچارج ۽ سندس دوست تي ريسٽ ھائوس ۾ زوري زنا جو الزام ھڻندي صحافين آڏو دانھيندي چيو ته ھوءِ مختلف شھرن ۾ پني پيٽ پوڄا ڪندي آهي ، گجي طرف وڃڻ لاءِ گاڏيءَ جي انتظار ۾ روڊ تي بيٺل ھئس ته ھڪ ڪار سوار رفيق ساٽي گاڏي بيھاري کيس گجي کڻي ھلڻ جو چيو،آئون ڪار ۾ ويٺيس جنهن بعد گجي ۾ گاڏي بيھارڻ بجاءِ رفيق ساٽي کيس زبردستي ھاليجي ڍنڍ تي ٽور ازم گيسٽ ھائوس تي کڻي آيو، جتي سندس دوست گيسٽ ھائوس جو انچارج منير ملاح سان گڏجي ٻئي ڄڻا ساڻس زوري زنا ڪندا رھيا، ان دوران ھن رڙيون ڪيون ته ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا پھچي ويا،  ڳوٺاڻن جي پھچڻ تي رفيق ساٽي موقعي تان ڀڄي ويو، مون ڳوٺاڻن کي مدد لاءِ چيو جن جنگشاھي پوليس چوڪي تي اطلاع ڪيو، جنگشاھي پوليس پھچي الزام ھيٺ آيل منير ملاح کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو جڏهن  ته رفيق ساٽي فرار ٿي ويو، جنگشاھي پوليس عورت کي مڪلي ٿاڻي کڻي وئي، رابطو ڪرڻ تي مڪلي ٿاڻي جي ايس ايڇ او اشفاق  منگي ٻڌايو  ته عورت کي مڪلي سول اسپتال ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ نيو ويو آهي، رپورٽ اچڻ بعد پوليس ڪاروائي ڪئي ويندي.