ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) جھرڪ ويجھو ٻيلي ۾ هٿياربندن جي ڪيل فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 عورتون ماءُ ۽ ڌيءَ قتل ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي ،خبر موجب جھرڪ ٿاڻي جي حد ۾ واقع ٻيلو ويران ۾ زمين آباد ڪرڻ واسطي ويٺل ڄامشورو ضلعي جي ڳوٺ علي آباد واسي کوسا برادري جي گھرن تي رات دير سان ڪيل فائرينگ جي نتيجي ۾ 2 عورتون 40 ورهين جي رضيه زال غلام الدين کوسو ۽ 22 ورهين جي عزيره زال غلام مصطفيٰ کوسو گولين لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويون ۽ هڪ ڄڻو غلام الدين کوسو زخمي ٿي پيو واقعي واري هنڌ تان فائرنگ ڪندڙ فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ فائرينگ سبب مارجي ويل ٻئي عورتون ماءُ ۽ ڌيءَ ٻڌايون وڃن ٿيون جڏهن ته ٻيلي ويران ۾ ٻن عورتن جي مارجڻ واري واقعي جي اطلاع ملڻ تي جھرڪ پوليس پهچي مارجي ويل ٻنهي عورتن جي لاشن کي سول اسپتال ٺٽو مڪلي منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد عورتن جي لاشن کي وارث کڻائي ويا جڏهن ته ذريعن پاران ٻن عورتن جي مارجڻ واري واقعي جو ڪارڻ سڱاوتي تڪرار ڄاڻايو پيو وڃي . ٻئي پاسي خبر جي فائيل ٿيڻ تائين جھرڪ ويجھو ٻيلو ويران ۾ فائرينگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل ٻن عورتن ماءُ ۽ ڌيءَ ۽ هڪ زخمي جو ڪيس جھرڪ ٿاڻي تي داخل نه ٿي سگھيو هيو ۽ وارث ٻنهي عورتن جي لاشن کي تدفين لاءِ ڳوٺ علي آباد پهچڻ بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ جا اطلاع مليا آهن.
وارثن جو پوليس کي قتل جا سبب ٻڌائڻ کان انڪار: لاش کڻائي ويا
ٺٽو: جھرڪ ٿاڻي جي وڏي منشي قاسم عمراڻي پنهنجي اخبار جي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته مارجي ويل عورتن جي وارثن غلام الدين کوسو پاران عورتن جي فائرنگ ۾ مارجي وڃڻ جو هن مهل تائين ڪوئي سبب ناهي ٻڌايو البت هن چيو آهي ته هو معلومات حاصل ڪرڻ بعد ٿاڻي پهچي واقعي جي ايف آئي آر ڪٽرائيندو پوليس موجب مارجي ويل عورتن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ سان گڏ ڪجھ قانوني ڪئي وئي آهي ۽جيئن ئي وارث عورتن جي تدفين واري رسمن کان فارغ ٿي جھرڪ ٿاڻي ايندا ته واقعي جي ايف آئي آر درج ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي
|
ايس ايس پي ٺٽو واقعي جو نوٽيس ورتو: جهرڪ پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ جي هدايت
ٺٽو: ٺٽي جي ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان پاران جھرڪ ٿاڻي جي حد ۾ واقع ٻيلي ويران ۾ پيش آيل ٻن عورتن جي مارجڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي پي او جھرڪ ۽ ايس ايڇ او جھرڪ کي واقعي ۾ ملوث جوابدار کي فوري گرفتاري جون سخت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن