جهان کي ڏيو مبارڪون، اسين پيا ڪاهيندا اچون

0
33

تاريخ ڏانهن نهار ٿي ڪجي ته ھتان جي اصلوڪن رهاڪن کي هر دور ۾ چٿي پيڙي ڌارين کي طاقتور قوتن اوليت ڏني آھي. پاڪستان جي جوڙجڪ جيڪا 1947ع ۾ ٿي ان کان وٺي هن وقت تائين، جنهن 1940ع جي قرارداد تي ورهاڱي کي يقيني بنايو ويو دراصل نه فقط ان قرارداد کي ڪاغذ جو ذرڙو تصور ڪندي ردي جي ٽوڪري حوالي ڪيو ويو پر ان کانپوءِ ان آزاد ۽ خودمختيار رياستن جو ذڪر ڪرڻ ڏوھه سمجهيو ٿي ويو ، ۽ انهن اختيارن جي گهر ڪندڙن کي هن ملڪ ۽ وفاق جو خيرخواهه نه پر دشمن ۽ غدار قرار ڏنو پئي ويو. اهڙن سياسي ۽ قومپرست سياستدانن تي ڪيترائي غداري جا الزام لڳڻ شروع ٿي ويا قيد ڪوڙا ۽ غداري جا اڻکٽ ڪيس داخل ٿيندا رهيا جنهن جو سڀ کان وڌيڪ نشانو سائين جي ايم سيد رهيو شيخ مجيب الرحمان، ڀاشاني، خان غفار خان، ولي خان، خير بخش مري، عطاءَالله مينگل، فيض احمد فيض ڄام ساقي، جمال ناصر ،شير محمد مري قاضي فيض محمد ۽ ٻيا ڪيترائي شامل هئا ان کان علاوه پهرئين ڏينهن کان پاڪستان ۾ شامل قومن کي هميشھ پوئتي ڌڪيو ويو ۽ انهن جي ٻولي توڙي ثقافت تي انيڪ وار ڪيا ويا. 1948ع ۾ ڍاڪا يونيورسٽي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي محمد علي جناح صاحب چيو ته هن ملڪ جي قومي زبان اردو فقط اردو هوندي اها الڳ ڳالھه آھي ته اردو زبان جو ورهاڱي بعد جڙيل پاڪستان جي خطن ۾ ڪو نالو نشان ڪونه ھو. پهريون وزيراعظم پڻ ان ٻولي جي لڏي آيل لياقت علي خان کي مقررڪيو ويو بعد ۾ پاڪستان کي نظريه ضرورت تحت هلايو ويو بعد ۾ حالت اها اچي ٿي ته ڳچ عرصي تائين هتي نه ڪو ڍنگ جو آئين پيو جڙي سگهي ۽ نه ئي هتي جمهوريت پنهنجا پير پختا پئي ڪري سگهي. رياستي معاملن ۾ مذھب کي بي پناهه اوليت ڏني وئي مارشلائون لڳنديون رهيون بيراج سسٽم جي نالي ۾ برٽش دور کان لڳاتار سنڌ سميت مظلوم قومن جي وسيلن ۽ حقن جي ڦرلٽ ان حد تائين ٿيندي رهي جو هتي جون قومون قومي غلامي جي پاتال کي ڇهڻ لڳيون، چند سئو خاندان پارليامنيٽ تي حاوي بڻايا ويا، جاگيردار ملي ۽ سرمائيدارن جو راڄ قائم ڪري رياست انهن جي مفادن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ لڳي. 25 سالن کان پوءِ پاڪستان ورهاڱي واري نقشي طور برقرار رهي نه سگهيو، آئين ساز اسيمبلي کانسواءِ جيڪا نئين قومي اسيمبلي جوڙي وئي ان جيڪو آئين ڏنو تنهن تحت سنڌ ۽ بلوچستان جا پهاڙ ۽ سمنڊ توڙي معدني وسيلا وغيره سڀ وفاق جي ملڪيت ڄاڻايا ويا. نه فقط اھو پر لياقت علي خان جي دور ۾ جيڪي فساد ڪرائي سنڌ جي وارثن کي مذھب جي بنياد تي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو انهن جي پنجويھه لک ايڪڙ زرعي زمين ڪليم تحت هندستان مان آيلن حوالي ڪئي وئي ان مان هڪ ايڪڙ تي به سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي مسلمانن هندن يا ڪرسچن جو حق تسليم نه ڪيو ويو. ون يونٽ دوران ته سنڌي زبان تي پابندي مڙھي وئي ۽ 1973ع جي آئين ۾ ڀٽي صاحب قومن جي وجود کي تسليم ڪرڻ کان ئي انڪار ڪيو ۽ پوءِ پاڪستان ۾ رهندڙ پختون پنجابي بلوچ هندڪو ۽ ٻيا بلڪه ان حد تائين جو ٻين ملڪن کان آيل هندستاني بهاري برمي افغاني ۽ ٻيا هتان جا وارث بڻجي ويا ، زمينون دڪان خريد ڪرڻ لڳا انهن کي آئيني ۽ غير آئيني حق ڏنو ويو ته ھو ھتان جا شھري هجن پوءِ ملازمتن ۽ پارليامينٽ تائين سندن رسائي ٿي وئي ۽ سنڌ جااصل وارث ڏينهون ڏينهن پوئتي ڌڪبا رهيا، بعد ۾ ٽرانسپورٽ ۽ هوٽل تي پٺاڻ ۽ افغاني قبضو ڪري ويٺا. انڊسٽري پنجابين جي ٿي وئي ۽ هاڻي انهن مڙني گروهن پنهنجن طاقتور اتحادين معرفت سنڌ جي زمين جي والار ڪري سنڌ کي ماڳهين سوڙھو ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ جنهن پهرئين ڏينهن کان دانهون ڪيون ته سنڌ کي مليل بئراج سسٽم تحت زمينون ڌارين کي ڏيئي نوان چڪ ٺاهڻ بجاءِ زمينون سنڌ حوالي ڪيون وڃن. ان حوالي سان جمشيد نسروانجيم سائين جي ايم سيدم ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيم قادر بخش نظاماڻي ۽ ٻين سنڌ هاري ايسوسيئيشن جوڙي جدوجهد شروع ڪئي بعد ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرايو ۽ هڪ لک ايڪڙ زمين هارين کي ڏيارائي. اها جدا ڳالھه آھي ته پنجاب مان هزارين خاندان پهريان ئي سنڌ جي دادو، نوابشاهه، سکر، گهوٽڪي، سانگهڙ، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٺٽي، نوشھرو فيروز ۽ ٻين ضلعن ۾ آباد ٿي چڪا هئا. لکين خاندان ڪليم جي پنجويھه لک ايڪڙ زمين تي اڳ ئي هندستان کان آيل آباد هئا هاڻي وري ترقي جي نالي ۾ پهريان ذوالفقار آباد، ڊي ايڇ اي سٽي، ڪمانڊر سٽي ، بحريا ٽائون جهڙن نالن تحت سنڌ جي زمين جي والار ڪئي پئي وڃي نه فقط اھو پر ٿر ۾ پڻ ڪوئلي جي بلاڪن تي بنا معاوضي جي قبضو ڪيو ويوآھي. ان جو ڪارڻ ھي آھي ته حڪمران طبقن وڏي چالاڪي ۽ مڪاريءَ جو مظاهرو ڪندي ٿر، ڪاڇو، ڪوهستان، ڪوسٽل بيلٽ ۽ ڪچي جي زمين جي گذريل 72 سالن ۾ ڪا به سروي ناهي ڪرائي. هي لکين ايڪڙ اڻ سروي زمين، لکين ايڪڙ ٻيلا، ڍنڍون ڍورا، نديون نالا، واهڙ ۽ دريائن جون گذر گاهون اهي سڀ هاڻي ترقيءَ جي نالي ۾ هڙپ ڪرڻ گهرن ٿا. مطلب ته ھتي وڏي عرصي کان وطن جي والار جاري آهي. اهو عمل جاري رهيو ته پاڻ سنڌ جي مالڪي وارثي ۽ حاڪميت جو حق به وڄائي ويهنداسين ۽ وطن ۾ بي وطن ٿي وينداسين. تاريخ جي گهرج آهي ته هر محاذ تي پنهنجي وڏڙن جيان وطن جي سالميت جي حفاظت ڪيون ۽ جديد ترقي جي نالي تي ڌاري آبادڪاري جي حملي کي ناڪام بڻايون. انهي ڪري اچو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پليٽ فارم تان بحريا ٽائون کي علامتي نقطو سمجهي بحريا، ڊي ايڇ اي ،ذوالفقار آباد، ڪمانڊر سٽي ۽ ٻين ميگا هائوسنگ اسڪيمن خلاف بحريا جي مک دروازي آڏو هزارين ۽ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي اجتماعي فهم ۽ شعور جي روشني ۾ گڏيل فيصلي کي ڪاميابي ۽ ڪامراني ڏانهن وٺي هلون. اهائي هڪ واٽ آھي ته مڪمل عوامي سگھه ۽ طاقت سان عوام جي مزاحمتي مورچي تان ثابت ڪيون ته سنڌي قوم پنهنجن اجهن، ماڳ مڪانن، پهاڙن، سمنڊ ۽ ڪاڇي، ڪوهستان، ٿر بر ۽ بحر جي پاڻ وارثي ڪندي سنڌ دشمن قوتن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائيندي. اسين سمجھون ٿا ته ھي رڳو مقامي قانون جي خلاف ورزي ناهي پر هي عالمي انساني حقن جي چارٽر جي خلاف ورزي آھي، جنهن جا ذميوار سنڌ کي چوکنڀو ٻڌندڙ سڀ سرمائيدار۽ سنڌ حڪومت جا ڪرتا ڌرتا آھن جيڪي سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ تي وڪڻي ڌارين جي آبادڪاري جو جواز گهڙي رهيا آھن. انهي ڪارڻ پنهنجي مصروف زندگي جو اڄوڪو قيمتي ڏينهن سنڌ جي نالي ڪيو! مان يقين سان چوان ٿو ته اوهان وقت ڏيندا ته سنڌ جي قومي بقا يقيني بڻبي سنڌ جا ايندڙ نسل بچي پوندا.