لاهور (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين ۽ ان جي پٽ علي ترين جي خلاف مبينا فراڊ ۽ مني لانڊرنگ جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ميڊيا رپورٽ موجب وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي لاهور جي جاچ ٽيم 3 ارب 14 ڪروڙ روپين جي مبينا فراڊ جو ڪيس 22 مارچ تي داخل ڪيو ويو آهي، داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جهانگيرترين پلپ ڪمپني ۾ مبينا طور تي اربين روپيا غير قانوني شيئرز منتقل ڪيا، جي ڊي ڊبليو کان پلپ ڪمپني ۾ شيئرز فراڊ جي ذريعي منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪمپني جي باقي عهديدارن جي خلاف به ڪارروائي جاري آهي، جهانگير ترين ۽ علي ترين جي خلاف مني لانڊرنگ جي ايف آءِ آر به ڪاٽي وئي آهي، ايف آءِ اي جهانگير ۽ سندس پٽ علي ترين جي خلاف 2 ارب 20 ڪروڙ روپيا مني لانڊرنگ جو ڪيس به داخل ڪيو آهي، ٻئي طرف جهانگير ترين جو چوڻ آهي ته ايف آءِ جا الزام بي بنياد آهن، نجي آڊٽ فرم منهنجي ڪمپنين جي اڪائونٽس کي اڳ ۾ ئي درست قرار ڏئي چڪي آهي، سمورا شيئرز قانوني ۽ کاتا قانون موجب منتقل ڪيا ويا آهن…