جهانگير ترين پاران نئين پارٽي ٺاهڻ لاءِ ڪوششون جاري

0
168
جهانگير ترين پاران نئين پارٽي ٺاهڻ لاءِ ڪوششون جاري
جهانگير ترين پاران نئين پارٽي ٺاهڻ لاءِ ڪوششون جاري

جهانگير ترين پاران هم خيال گروپ ۽ پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ اڳواڻن تي ٻڌل نئين پارٽي ٺاهڻ جون ڪوششون جاري آهن

 ذريعن موجب جهانگير ترين پاران ٽن چئن ڏينهن دوران  نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان سامهون اچي سگهي ٿو، جهانگير ترين نئين پارٽي جي نالي تي به مشاورت تيز ڪري ڇڏي، ليگل ٽيم کي نئين پارٽيءَ جي رجسٽريشن جو ٽاسڪ به ڏئي ڇڏيو

 ذريعن موجب نئين سياسي جماعت لاءِ “عوام دوست پارٽي” ۽ “پاڪستان انصاف پارٽي” جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، جهانگير ترين جي هم خيال گروپ جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ اڳواڻ به ساڻ رابطي ۾ آهن، گذريل ڏينهن سردار تنوير الياس چيو هو ته نئين پارٽي ۾ ضم نه ٿينداسين

هي به پڙهندا

پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي ٽيون ڀيرو گرفتار