جهاندار خان، لال ڪنور ۽ امرتا پريتم

0
33
جهاندار خان، لال ڪنور ۽ امرتا پريتم

عِشقَ ۽ اِقتدارُ جو نشو ڪهڙي ريت ماڻهوءَ جا هوش حواس خطا ڪري ٿو، دنيا ۾ اهي ڪهاڻيون هر پاسي ٽڙيون پکڙيون پيون آهن. انهن ئي ڪهاڻين مان هڪ جهاندار خان جي ڪهاڻي پڻ آهي. سال 1713ع ۾ ڀائٽيي فرخ سيئر هٿان شڪست کانپوءِ هو پنهنجي محبوب زالَ لال ڪنور سان گڏ هڪ ڏاند گاڏيءَ ۾ چڙهي دهلي پهتو، جنگ جي ميدان کان دهليءَ جي گهٽين تائين پهچڻ کان اڳ پوري واٽ هُن رستي ۾ پِني کاڌو. دهلي پهچندي ئي هو زال سميت گرفتار ٿي ويو. يارهين فيبروريءَ 1713ع ۾ جهاندار خان کي ڦاسي تي چاڙهڻ لاءِ ڪجهه ماڻهو قيد خاني پهتا. وقت جي بادشاهه کي ڏاڪڻين کان گهليندي هيٺ لاٿو ويو. رستي ۾ هن کي جسم جي نازڪ عضون تي مسلسل لتون هڻي آخر ۾ گهٽو ڏئي ماريو ويو. ڪجهه دير ۾ لاش جو سرُ ڪٽي بانس جي لڪڙي ۾ هڻي دهليءَ جي گهٽين ۾ گهمايو ويو. هڪ هاٿيءَ تي جهاندار شاه جو سِرُ ته ٻئي تي ڌَڙُ هو. سڄي دهلي تماشو ڏسي رهي هئي. دهليءَ ان کان اڳ به عشق ۽ اقتدار جا ڪيترائي تماشا ڏٺا هئا.

                 اورنگزيب عالمگير جي پوٽي جهاندار شاه جي ماضيءَ ۾ هلون ته هو جڏهن اقتدار کان ڪجهه وکون پري هو ته دهليءَ جي هڪ ميراثيءَ ڇوڪري هن جي دل کسي ورتي هئي. هندستان جي مشهور گائڪ خاندان ڪلانوت جي لال ڪنور، جيڪا تانسين جي نسل مان هئي، کي پهريون ڀيرو جڏهن جهاندار خان ٻڌو ۽ ڏٺو ته هن پنهنجي پاڻ کي اُن جي مڌر آواز ۽ صورت ۾ گم ڪري ڇڏيو. لال ڪنور هن جي نظر ۾ دنيا جي حسين ترين عورت بڻجي وئي. هو ان عورت کي ‘فرشته صورت ۽ بلبل آواز’ چئي سڏيندو هو. 29 مارچ 1712ع تي هن کي جڏهن اقتدار جي مسند تي ويهاريو ويو ته بادشاه جي عمر 51 سال هئي، پاڻ کان اڌ عمر جي ڳائڻيءَ کي ‘امتياز محل’ جي لقب سان ملڪه ڪري لال قلعي ۾ وٺي آيو. نئين ملڪه جو ساليانو وظيفو ٻه ڪروڙ مقرر ڪيو ويو؛ نه فقط ايترو پر هن جي سهيلي زهره، جيڪا دهليءَ جي گهٽين ۾ هنداڻا کپائيندي هئي، کي به لال قلعي ۾ مهمان ِخاص جو رتبو ڏنو ويو. ملڪه بڻجڻ کانپوءِ لال ڪنور کي نوبتَ ۽ پنج سئو سپاهين جو پروٽوڪول ڏنو ويو. ان ئي سال ٻئي لاهور آيا، ٻنهي کي ‘ڏياري’ جي ڏڻَ ايترو ته مزو ڏنو، جو وقفي سان ٽي ڀيرا ملهايو ويو، تان جو شهر جو تيل ختم، آخر ۾ گيهه به ملڻ بند ٿي ويو. واپسيءَ تي دهليءَ ۾ ملڪه جي چوڻ تي ان جي ڀاءُ نيامت، جيڪو هن سان سارنگيءَ تي سنگت ڪندو هو، کي ملتان جو گورنر بنايو ويو. گورنر ٿيڻ شرط، ملڪ جي وزير اعظم ذوالفقار خان هن کي هڪ هزار سارنگين موڪلڻ جو چيو، مشڪل سان ٻه سئو سارنگيون ملتان کان دهليءَ پهچايون ويون. بادشاه معلوم ڪرڻ چاهيو ته ايتريون سارنگيون ڇا جي لاءِ؟ ته جواب مليو، پوري هندستان جي اميرن کي سارنگيون تحفي ۾ ڏيڻيون آهن؛ ڇاڪاڻ ته جتي ميراثي حاڪم ٿي وڃن، اتي تلوارن جو ڪهڙو ڪم! جهاندار خان، لال ڪنور جي عشق ۾ ايترو ته ٻڏي ويو جو، هن جي چوڻ تي ويجهن مائٽن کان به منهن موڙي ڇڏيائين. ايتري تائين جو پٽن سان ملڻ به ڇڏي ڏنائين. هڪ ڏينهن لال ڪنور شاهي محل مان جمنا جو نظارو ڏسي رهي هئي ته ڪجهه ماڻهو پتڻ تان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا. لال ڪنور، بادشاه کي چوڻ لڳي، هن ڪڏهن ٻيڙي ٻڏندي ناهي ڏٺي. تاڙي وڳي حڪم ٿيو ته ان ٻيڙي کي ٻوڙيو وڃي، جيئن ملڪه اهو منظر ڏسي سگهي. ايتري ۾ وزير اعظم ذوالفقار خان بادشاه کي ان ظلم کان روڪي ورتو. هو اڪثر شراب پي دهليءَ جي گهٽين ۾ نڪري ويندا هئا. ملڪه، هڪ دفعي لال قلعي جي ٻاهران کوٽايل ‘نهرِ  فيض’ کي ڏسي چوڻ لڳي، “ٻنهي ڪڙن تي گهاٽا وڻ آهن، مان ڏسڻ چاهيان ٿي، وڻن کانسواءِ نهر ڪيئن ٿي لڳندي!” حڪم جي بجا آوريءَ ۾ سڀئي وڻ وڍرايا ويا. دهليءَ جي ماڻهن جو عقيدو هو ته جن جوڙن کي اولاد نه ٿو ٿئي، اهي شيخ ناصر اودهيءَ جي مزار واري حوض ۾ چاليهه هفتا ماڻهن جي اڳيان بي لباس وهنجندا ته اولاد ملندن. بادشاه جهاندار خان ۽ لال ڪنور هاڻي اهو ڪم ڪرڻ لڳا.

هر رات جو شاهي درٻار ۾ ڳائڻن کي گهرايو ويندو هو، جيڪي شراب جي نشيءَ ۾ ڌت ٿي بادشاه کي لتون هڻندا هئا. جهاندار خان فقط ان ڪري خاموش ته ڪٿي لال ڪنور ڪاوڙجي نه وڃي. انهن سڀني ڳالهين جي ڪري بادشاه اڪيلو ٿيڻ لڳو. ڪير به هن جي ويجهو نه ويندو هو. جهاندار خان سڀ ڪجهه ڄاڻندي به بيوس هو. ماضيءَ ۾ هو سنڌ جو گورنر ۽ ڏاڏي اورنگزيب جي حڪم سان بلخ جو حاڪم پڻ رهي چڪو هو، پر هاڻي صورتحال تبديل هئي. لال ڪنور جي عشق هن کي انڌو ڪري ڇڏيو هو. نتيجي ۾ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو ويو، تان جو ڀائيٽي فرخ سيئر جي هٿان شڪست کائي گرفتار ٿيو ۽ ماريو ويو. مارڻ کان اڳ قيد ۾ لال ڪنور هن سان گڏ هئي. ڦاسي چاڙهڻ لاءِ جڏهن ڪجهه سپاهي قيدخاني ۾ آيا ته لال ڪنور جهاندار خان سان چنبڙي وئي، هوءَ دانهون ڪندي روئندي رهي، پر وقت گهڻو اڳتي وهي ويو هو. اهڙي نديءَ جيان، جيڪا سدائين اڳتي پئي وهندي آهي.

جهاندار خان جڏهن اقتدار ۾ آيو ته هو هڪ سگهارو بادشاه هو، هڪ ڳائڻيءَ جي عشق هن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو، اهڙيون ڪمزوريون جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي وس ۾ ناهي رهندو. جهڙي جهاندار خان ۽ لال ڪنور جي عشق کان اڍائي سئو سال پوءِ دهليءَ ۾ رهندڙ اها اديب عورت، جنهن کي ساحر لڌيانويءَ ديواني ڪري ڇڏيو. امرتا پريتم ڪهڙي ريت محبت ۾ پاڻ کي ساحر جي سحر ۾ گم ڪري ڇڏيو، تاريخ جي پنن ۾ اهي ڳالهيون به سانڍيون پيون آهن. ‘رسيدي ٽڪيٽ’ ۾ امرتا لکيو ته، “ساحر کي سدائين اها شڪايت رهي ته مان سگريٽ پيئان ٿي، پر هن کي اها خبر نه پئي ته مان سگريٽ جي عادي ڪيئن بڻيس؟ هڪ ملاقات ۾ مان ۽ ساحر خاموش ويهي هڪ ٻئي کي تڪي رهيا هئاسين ته ساحر سگريٽ مٿان سگريٽ پي رهيو هو. جڏهن هو هليو ويو ته مان پويان سگريٽن جا اهي ٽوٽا کنيا، دکايا، جيڪي ساحر پيتا هئا. انهن ٽوٽن تي ساحر جي چپن جا نشان پنهنجي لبن تي لڳائيندي رهيس. انهن سگريٽن جي ٽوٽن ۾ ساحر جي چپن جي خوشبوءِ اهڙي هئي، جو پوءِ مان سگريٽن مان جان نه ڇڏائي سگهيس!“

هڪ ڀيري امرتا چيو هو ته، “اسان جنهن کي شدت سان سوچيندا آهيون، اهو اکين آڏو به اچڻ شروع ٿي ويندو آهي، اسان ان کي ٻڌي به سگهون ٿا، ايتري تائين جو ان جي بوءِ به سنگهي سگهون ٿا”. ان لاءِ ته هڪ ڏينهن امروز کان پڇيو ويو ته، “توکي امرتا جي سڀ کان وڌيڪ سٺي ڳالهه ڪهڙي لڳندي آهي؟” امروز وراڻيو هو، “هن جي موجودگي”. فنڪار پنهنجي خمير ۾ باغي هوندا آهن، ان لاءِ امرتا پريتم لکيو ته، “منهنجي سڀ کان پهرين بغاوت رڌڻي کان شروع ٿي هئي. مان ڏسندي هئس ته رڌڻي جي هڪ ڪنڊ ۾ ٽي گلاس هميشه الڳ پيا هوندا هئا. والد صاحب جا مسلمان دوست اچن ته انهن کي لسي، چانهن لاءِ استعمال ڪري، وري صاف ڪري رکيا ويندا هئا. سو انهن ٽن گلاسن ۾ مان به چوٿين گلاس جيان شامل ٿي ويس. پوءِ اسان چارئي نانيءَ سان وڙهي پياسين. اهي گلاس به ٻين ٿانون کي ڇهي نه سگهندا هئا. مان ضد ڪيو ته ٻئي ٿانوَ ۾ پاڻي نه پيئندس، نه کير، نه لسي… ناني، انهن گلاسن کي ته الڳ رکي سگهي پئي، مونکي نه بکيو، نه اڃيو رکي پئي سگهي. ڳالهه والد تائين پهچي وئي. والد کي ان کان پهريائين معلوم نه هو ته گلاس اهڙي طرح الڳ رکيا ويندا آهن. جڏهن ان کي خبر پئي ته منهنجي بغاوت ڪامياب ٿي وئي. هاڻي گهر ۾ ڪو به ٿانءُ هندو- مسلمان نه رهيو!”

“ان گهڙيءَ نه نانيءَ کي خبر هئي، نه مونکي معلوم ته وڏي ٿي زندگيءَ جا ڪيئي سال جنهن سان عشق ڪندس، اهو ان مذهب جو هوندو، جنهن مذهب جي ماڻهن لاءِ گهر ۾ رکيل ٿانوَ به ‘اڇوت’ بنايا ويندا هئا”. امرتا، ساحر جي عشق ۾ تمام گهڻو ڀوڳيو، هوءَ لکي ٿي ته، “دوستن ۽ سڃاڻپ وارن کي آهستي آهستي پاڻ کان پري ٿيندي ڏسڻ يا اداس ٿيندي ڏسڻ هڪ وڏو تڪليف وارو تجربو آهي، پر زندگيءَ جي رستي تي به ته هلڻو آهي… هلي آهيان…” هوءَ چوندي هئي، “محبت کي ڪجهه عرصي کانپوءِ ٽٽل جُتيءَ جيان گهلڻو پوندو آهي”. امرتا، ساحر سان شديد محبت ڪندي هئي. ورهاڱي جي وڍ هن کي به بخش نه ڪيو. چيائين ته، “ورهاڱي کانپوءِ مان صرف هن سان هڪ ڀيرو ڳالهايو، هو لاهور ۾ هو، مان دهليءَ ۾، وهاڱي نه صرف ملڪ کي ورهايو پر منهنجي محبت کي به ٻه اڌ ڪري ڇڏيو!“

محبتون ڪهڙي ريت ماڻهن کي ٻه اڌ ڪري ڇڏينديون آهن، پوءِ هو فرق ناهن ڪنديون ته ڪير بادشاه آهي، ڪير فقير، ڪير فنڪار… اهي محبتون جيڪي ڪهاڻين جي صورت ۾ اسان کي هر جاءِ تي ٽڙيل پکڙيل نظر اچن ٿيون.