ٽوڪيو (انٽريسٽنگ نيوز) جاپان مان اڏام ڪندڙ مسافر جهاز ۾ سوار هڪ مسافر عورت ڪيبن ڪريو کي چڪ هڻي ڪڍيو، پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو آمريڪي ايئر لائن جي مسافر جهاز ۾ پيش آيو، جيڪو جاپان جي گادي واري هنڌ ٽوڪيو کان 159 مسافرن کي کڻي پنهنجي منزل طرف روانو ٿيو، جهاز ۾ سوار هڪ 55 سالن جو آمريڪي شهري نشي ۾ ڌت هيو، جنهن دوران فلائٽ جهاز جي عملي جي هڪ عورت کي چڪ هڻي ڪڍيو، ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪي شخص عورت کي ايترو زور سان چڪ هنيو، جو عورت جي هٿن تي ڏندن جا نشان ٺهي ويا ۽ سندس هٿ به زخمي ٿي پيو، واقعي بعد پائلٽ جهاز جي واپسي ٽوڪيو ۾ ايمرجنسي لينڊنگ ڪرائي، جتي آمريڪي شهري کي پوليس حوالي ڪيو ويو ۽ عورت کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي، ميڊيا رپورٽس موجب اهو پهريون واقعو ناهي، ان کان اڳ 2022ع ۾ به آمريڪا جي ٻن مختلف ايئر لائنز ۾ مسافرن طرفان جهاز جي عملي کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، جن کي وڏو ڏنڊ به ادا ڪرڻو پيو هيو.