برازيليا (انٽريسٽنگ نيوز) برازيل جي شهر ميناس گيريس ۾ ٿيل نيلامي ۾ هڪ ڀارتي نسل جي ڳئون نيلور 40 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ وڪرو ٿي، عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي، جيڪي پاڪستاني ڪرنسي ۾ 1 ارب 28 ڪروڙ 87 لک رپيا بڻجن ٿا، نيلور ڳئون مهانگي گرين مويشي هجڻ جو گنيز ورلڊ رڪارڊ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي، مبينا طور 53 مهينن جي وياتينا نالي ڳئون جو وزن لڳ ڀڳ 1101 ڪلوگرام آهي، جيڪو انهيءَ نيلور نسل جي ٻين ڳئون جي سراسري وزن کان ڪافي وڌيڪ آهي، ڳئون پنهنجي اڇي کل، ڍري جلد ۽ ڪلهن تي نمايان ٿوهي سبب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، عالمي رڪارڊ کان سواءِ وياتينا ٽيڪساس ۾ “چيمپئن آف دي ورلڊ” مقابلي ۾ ۾ سائوٿ آمريڪا جو اعزاز به کٽيو، اهو مويشين لاءِ مس يونيورسٽي جي مقابلي وانگر آهي، وياتينا جي غير معمولي جسامت ۽ انمول جينياتي نسب سندس عالمي امتياز ۽ رڪارڊ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.