اسلام آباد: نواز شريف خاص جهاز ذريعي وطن پهتو پر اهو چارٽرڊ جهاز ڪنهن لوڪل بس جهڙو منظر پيش ڪري رهيو هو، جنهن ڪري جهاز جو عملو به پريشان رهيو، عملو ايلاز ڪندو رهيو ته پنهنجي پنهنجي سيٽن تي ويهو پر مسافرن هڪ نه ٻڌي، جهاز ۾ نواز شريف سان گڏ نواز ليگ جا ڪارڪن، صحافي ۽ پنجاب جا ڪاروباري ماڻهو هئا جن جو تعلق برطانيا سان هو، مسافرن ۾ جهنڊا ورهايا ويا هئا، جيئن ئي جهاز اڏام ڀري ته صحافي ۽ ڪارڪن پنهنجي سيٽن تي بيهي رهيا، پارٽي جا گانا گونجڻ لڳا، وزيراعظم نواز شريف، الله اڪبر، شير آيا جا نعرا لڳندا رهيا، صحافي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته نواز شريف جو ڪو تبصرو يا انٽرويو ملي وڃي، نواز شريف جي ٽيم جواب ڏنو ته جلسي کان اڳ نه ڳالهائيندو، هڪ موقعي تي نواز شريف پاڻ به سوالن تي آڱر جي اشاري سان منع ڪئي، صحافين کان ڪارڪن ناراض هئا، ڪارڪنن کي نواز شريف سان سيلفي ٺاهڻ جي اجازت نه ملي رهي هئي، هڪ موقعي تي صحافين ۽ ڪارڪنن هڪٻئي کي ڌڪا ڏنا ۽ پاڻ ۾ وڙهي پيا، صحافي نواز شريف ڏانهن وڌي رهيا هئا ته ڪارڪنن روڪيو جنهن تي منهن ماري بعد ڳالهه جهيڙي تي پهتي، سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، ڪارڪنن چيو ته جنهن سان به مسئلو آهي ان کي جهاز مان لاٿو وڃي بعد ۾ اڳواڻن وچ ۾ اچي معاملي کي ٿڌو ڪيو، جهاز جي اسلام آباد ۾ لينڊنگ دوران عملي اردو، انگريزي، پنجابي ۽ ٻين ٻولين ۾ مسافرن کي ويهڻ جي اپيل ڪئي، نواز شريف ۽ سندس ٽيم اسلام آباد ۾ جهاز مان لهي ويا، نواز شريف ٻيهر واپس اچي سڀني کي چيو ته معاف ڪجو يارو، ٻي اڏام آهي، ٿورو صبر رکو، جهاز لاهور لاءِ اڏام ۾ دير ڪئي، عملي چيو ته هڪ مسافر  اڃا گهٽ آهي، پنهنجي گڏ سيٽ تي ڏسو ڪير لهي ويو جيڪو واپس ناهي آيو، اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته اهو مسافر ڪير هو، لاپتا مسافر اچڻ کان بنا ئي جهاز اسلام آباد کان اڏام ڪري لاهور پهتو.