اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪندي پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو. جي يو آءِ سربراهه فضل الرحمان چيو آهي ته جنگ ۾ باهه وسندي آهي، گل نه، قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺي آهي، اسان پنهنجي انصار الاسلام کي شهري دفاع جي ذميوري سونپي ڇڏي آهي، ڀارت مسجدن ۽ مدرسن سميت شهري آبادي تي حملا ڪيا، پاڪ فوج کي بهادري سان ملڪ جو دفاع ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، قومي اسيمبلي ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ سڄي ملڪ ۾ وطن جي دفاع جو ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سمورا عالم ڀارتي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪن ٿا،11 مئي تي پشاور ۾ ملين مارچ ٿيندو يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين، 15 مارچ تي ملين مارچ ٿيندو، جنهن ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو، جي يو آءِ انصار السلام کي شهري تحفظ جي هدايت ڪئي آھي ، ڀارت اسان جي مدرسن کي نشانو بنايو آھي، مدرسن ۾ پڙهندڙ پهرين مورچي تي وڙهڻ جو عزم رکن ٿا، ڪڏهن اوهان مدرسن کي پنهنجو سمجهندا. بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته پرڏيهي وزير جو چين، سعودي، يو اي اي سان روزانو بنيادن تي رابطو آھي، مولانا درست چيو ته ان کي وڌيڪ موثر بنائڻ جي ضرورت آھي چين ،ترڪي ۽ آذربائيجان واضح طور پاڪستان جي حق ۾ سامهون اچي چڪا آھن، مدرسن ۽ ان جا طالب سيڪنڊ دفاعي لائين آھي، انهن کي شهري دفاع لاءِ اسعمال ڪري سگهجي ٿو، اسان کان ستوڻ اٺوڻ تي وڏي ملڪ ۽ پاڻ کان تعداد ۾ وڏي فوج جو مقابلو ڪري رهيا آھيون، اندروني مامرن کي اتفاق راءِ سان ڏٺو ويندو، قانون جي وفاقي وزير، سينيٽر اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبلي ۾ چيو ته ٺلها اڇا جهنڊا نه ڦڙڪايا ويندا آهن، ڀارت پنهنجي فوجين جا لاش کنيا آهن، مودي جي آڪڙ کي ڌوڙ ۾ ملائي ڇڏيو آهي، مودي جي هٿان ڀارت ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو، پيپلزپارٽي جي علي موسيٰ گيلاني چيو ته جنگ ڀارت شروع ڪئي ختم اسان ڪندا سين، ايم ڪيو ايم جي سنجي پارواڻي چيو ته هندو برادري لاءِ سنڌو جي مقدس حيثيت آھي، مودي سرڪار نه پاڻ جيئدي نه ڪنهن کي جيئڻ ڏيندي .پيپلزپارٽي جي سنڌ مان چونڊيل ميمبر صادق ميمڻ چيو ته پاڪ فضائيه کي سلام پيش ڪيان ٿو جنهن رافيل جهازن سوڌو پنج ڀارتي جهاز ڪيرايا. مسلم ليگ ن جي حنيف عباسي چيو ته بزدل دشمن ڀارت هميشه رات جي اوندهه ۾ پاڪستان تي حملو ڪيو آھي. سندور کي پاڪستان جي فوج تندور بنائي هنن جي منهن تي هنيو، بلوچستان مان چونڊيل ميمبر مولانا مصباح الدين چيو ته پاڪ فوج بهادري سان مقابلو ڪيو آھي، انشا الله اسان هڪ هڪ قطري جو حساب وٺندا سين، پيپلزپارٽي جي حاجي رسول بخش جو چوڻ هيو ته مودي جي پينٽ آلي ٿي وئي آھي، عوام فوج سان گڏ آھي.پي ٽي آءِ جي ميمبر ٽناءُ الله مستي خيل جو چوڻ هو ته ڀارتي حملي ۽ جارحيت جي مذمت ڪيون ٿا، پاڪستان اسان لاءِ ريڊ لائين آھي، پاڪستان جنگ جي حالت ۾ آھي پاڪستان جي مقبول ليڊر عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي.