اسلام آباد: پاڪستان ڀارت ۾ ڇڪتاڻ ۽ جنگبندي ٿيڻ تي صدر آصف علي زرداري بيان جاري ڪندي چيو آھي ته مون کي هميشه پاڪستان جي هٿياربند فوجن، پاڪستان نيوي ۽ ايئر فورس تي يقين رهيو آهي. اسان ڀارتي جارحيت جو مناسب جواب ڏنو اسان هندستان جي نام نهاد فوجي طاقت کي سخت نقصان پهچايو آهي، اسان جي قوم جو عزم بي مثال آهي. صدر چيو ته هي عزم اسان جي وڏڙن جي ٻه قومي نظريي کي مضبوط ڪري ٿو. صدر چيو ته هڪ اسلامي رياست جي حيثيت سان، الله تي اسان جي ايمان اسان کي طاقت ۽ همت ڏني ته اسان پاڻ کان سائيز ۾ پنجوڻ تي وڏي ملڪ جي خلاف بيٺا رهياسين، صدر چيو ته مان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو، نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف ۽ سڀني فوجين کي مبارڪباد ڏيان ٿو جن جي بهادري ۽ اڻ ٿڪ محنت اسان کي هن جنگ ۾ فتح تائين پهچايو. قوم کي جشن ملهائڻ گهرجي ۽ شهيدن لاءِ دعا ڪرڻ گهرجي. ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو قيام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشمير مسئلي ۽خاص طور تي سنڌ طاس پاڻي معاهدي جي مطابق حل ٿيڻ گهرجي. صدر چيو ته آئون چين، آمريڪا، ترڪيه، سعودي عرب ۽ ايران سميت سڀني دوست ملڪن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جيڪي هن ڏکئي وقت ۾ اسان سان گڏ بيٺا هئا. پاڪستان اشتعال انگيزي نه پر امن چاهي ٿو، اسان ڪڏهن به پنهنجي خودمختياري تي سمجهوتو نه ڪنداسين.