جنگ ۽ جمھوريت

0
39
جنگ ۽ جمھوريت

ورھاڱي کان وٺي ھن وقت تائين پاڪستان ۽ ڀارت ۾ پنج جنگيون ٿي چڪيون آھن. پھرين جنگ 1947 ۾ ٿي. آزاديءَ جي ٻن مھينن کان پوءِ آڪٽوبر ۾شروع ٿيل اھا جنگ جنوري 1949 تائين، لڳ ڀڳ 15 مھينا ھلي. جڏھن ته ٻنھي ملڪن وچ ۾ ٻين لڙائي 1965 ڌاري لڳي. جيتوڻيڪ ان جنگ جو مدو صرف 17 ڏينھن ھو پر ان ۾ ٻنھي ملڪن جي فوجين جو جاني نقصان پھرين جنگ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ٽيڻو ٿيو. ان بعد وري 1971 واري جنگ جو وارو آيو، اھا جنگ وقت جي حوالي سان گذريل ٻنھي جنگين کان ننڍي ھئي پر ان ۾ جاني نقصان تمام گھڻو ٿيو. جڏھن ته ان جنگ سبب اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو ۽ پاڪستان جا نوي ھزار جنگي قيدي ڀارتي جيلن ۾ بند ٿي ويا. حالانڪه اھا جنگ صرف 13 ڏينھن ھلي. پر ان جنگ جو نقصان ناقابل تلافي ٿيو. ان بعد 18 سالن تائين پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪا جنگ نه لڳي. اھا الڳ ڳالھ آھي ته لائن آف ڪنٽرول تي رت وھندو رھيو. ان دور دوران پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ھلڪيون ڦلڪيون جھڙپون معمول جو حصو سمجھيون وينديون ھيون.

                 ننڍي کنڊ جي وڏن سياسي دماغن مطابق 1999 جو سال پاڪ ڀارت امن جو ھڪ اھڙو عجيب سال ھو، جنھن جي باري ۾ ڪڏھن ڪنھن اندازو به نه لڳايو ھو. ھونءَ ته “يلغار” لفظ صرف جنگ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي پر مٿين سال جي دوران دنيا جي ٻن دشمن ملڪن جي درميان ان وقت “امن جي يلغار” نظر آئي، جڏھن ڀارت جو پرڌان منتري اٽل بھاري واجپائي بس تي چڙھي واھگا بارڊر کان پاڪستان داخل ٿيو ۽ امن جي آشا نئين روپ ۾ نمودار ٿي. جيتوڻيڪ پاڪ ڀارت مستقل امن جي اميد 1988 دوران ان مھل ڪئي وئي ھئي، جڏھن پاڪستان ۾ پيپلز پارٽيءَ ۽ ڀارت ۾ ڪانگريس جي حڪومت ھئي. پاڪستان جي وزير اعظم بينظير ڀٽو ۽ ڀارت جو پرائيم منسٽر راجيو گانڌي ھو. ھي اھو دور ھو، جڏھن پنھنجي پاڪستان ياترا دوران ھڪ سوال جو جواب ڏيندي راجيو گانڌيءَ اھو چيو ھو ته، “اسان ٻنھي ملڪن ۾ امن جا لاڳاپا اتان کان شروع ڪنداسين، جتان بينظير ڀٽو جي والد ۽ منھنجي والده ڇڏيا ھئا”. پر پاڪ ڀارت امن جو وڏو اعلان ھڪ طرف ميان نواز شريف ٻئي طرف واجپائيءَ جي حصي ۾ آيو. اھو لاھور ڊڪليئريشن جنھن جي ناڪاميءَ جو زخم ھن مھل به نواز شريف جي دل ۾ موجود آھي، ان جا تاريخي منظر فراموش ڪرڻ گھٽ ۾ گھٽ انھن ٻنھي سربراھن لاءِ سولا نه ھئا، جن کي پوري پڪ ھئي ته ان سال جو امن نوبل انعام انھن کي ملندو پر امن جو نوبل انعام ملڻ واري اعلان بدران ٻنھي ملڪن جي سربراھن کي ان جنگ جو اطلاع مليو، جيڪا دنيا جي بلند ترين پھاڙي محاذن تي شروع ٿي چڪي ھئي.

ڪارگل جنگ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اھا چوٿين جنگ ھئي، جنھن جو مدو ته ٻه مھينا ھو پر ان جنگ ۾ اسان جي ملڪ جي ڪچي ڦڪي جمھوريت ھڪ پاپولر آمريت جي ھٿان شڪست کائي ڏھاڪو سالن جي لاءِ پنھنجن پيرن تي بيھڻ لائق نه ٿي سگھي. ھيءَ اھا جنگ ھئي، جنھن ۾ ٻنھي ملڪن جو جاني نقصان ته کڻي ايترو نه ٿيو پر ان جنگ سبب عالمي افق تي ايٽمي تصادم جا ڀيانڪ امڪان جاڳي پيا ھئا. ان جنگ جي نتيجي ۾ ميان نواز شريف سعودي سھڪار سان جلاوطن ٿي ويو ۽ پرويز مشرف جي اھا آمريت ملڪ مٿان مسلط ٿي وئي، جنھن جي ابتدا ۾ آجيان ٿي ھئي ۽ جنھن کي وچ ۾ به ڪو لھر لوڏو نه ھو. پرويز مشرف جي حڪومت ڪارگل جنگ جي ڪک مان جنم ورتو ھو پر پوءِ به ان حڪومت دوران پاڪ ڀارت امن جي سلسلي ۾ وڏي پيش رفت بيان ڪئي ويندي ھئي. پرويز مشرف ۽ واجپائي وچ ۾ ٻيو ڪو تاريخي اعلان ته نه ٿيو پر گھٽ ۾ گھٽ لائن آف ڪنٽرول تي وھندڙ خون ضرور رڪجي ويو. ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ خوبصورت ۽ خطرناڪ سرحد سالن تائين سانت رھي ۽ نيٺ ھلندڙ مھيني جي دوران اھا ماٺ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ پنجين جنگ سبب پنھنجي منطقي انجام تي پھتي.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ھن مھل ته سيز فائر آھي پر آمريڪا پاران زوريءَ نافذ ٿيل ان امن جي عمر ڪيتري آھي؟ ان سوال جو جواب ھاڪاري ۽ ناڪاري امڪانن جي اک ۾ لڏي لمي رھيو آھي. ھڪ طرف ڀارت اھي اعلان ڪري رھيو آھي ته “آپريشن سندور” پوري طرح سان ختم نه ٿيو آھي ۽ ڀارت پنھنجا من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ واري وقت تائين خاموش ٿي نه ويھندو ۽ ٻين طرف پاڪستان ڀارت جي ھر اڳرائيءَ جو منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي لاءِ تيار رھڻ جا اعلان ڪري رھيو آھي. جڏھن ته ٽين طرف واري صورتحال تمام گھڻي دلچسب ۽ سمجھ سان زورآزمائي ڪندڙ آھي. ان صورتحال جي سادي وصف ۽ وضاحت اھا آھي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ھن مھل تائين ٿيل جنگين جي حوالي سان سڀ کان ننڍي جنگ جي سلسلي ۾ اڃان تائين اھو فيصلو ٿي نه سگھيو آھي ته انھيءَ جنگ ۾ ڪنھن جي جيت ٿي ۽ ھار ڪنھن جي حصي ۾ آئي؟ ھڪ طرف ڀارت جي دعويٰ آھي ته ھن پاڪستان کي پھريون ڀيرو سخت سزا ڏني آھي ۽ جڏھن ته ٻين طرف پاڪستان کي ان ڳالھ تي ناز آھي ته ھن ڀارت جي جديد فوجي قوت کي ملياميٽ ڪري کيس پوري دنيا ۾ خوار ڪري ڇڏيو آھي. جيتوڻيڪ ھن وقت ٻنھي ملڪن جي وچ واري سرحد تي بندوقون خاموش آھي ۽ ٻنھي ملڪن جي فضائن ۾ ڊپ جي فضا پيدا ڪندڙ ڊرون به نه ٿا اڏامن پر پوءِ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا ۽ خاص طور تي سوشل ميڊيا جا مورچا ھڪ ٻئي خلاف ھن مھل تائين متحرڪ آھن.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ھي تازي ۽ پنجين جنگ ۾ ٻنھي ملڪن جو  نقصان ته ننڍي نوعيت جو ٿيو آھي پر ان ويڙھ سبب ھڪ وڏو سوال ضرور اڀري آيو آھي ۽ اھو سوال ھي ته ھن ويڙھ ۾ جيت جا موڙ ڪنھن جي مٿي تي ٻڌجن ۽ ھار ڪنھن جي جھوليءَ ۾ وجھجي؟ جنگ ۾ جيت ۽ ھار ته ھڪ ڌر جي ٿيندي آھي پر ننڍي کنڊ جي ان ننڍي جنگ ۾ ھن مھل تائين جيت ۽ ھار جو تعين ٿي نه سگھيو آھي. جيتوڻيڪ ھن جنگ سبب پاڪستان ۾ فوج جو مورال چڱي حد تائين مٿي اڀرندي نظر آيو آھي پر اھا حقيقت آھي ته ڀارت ۾ نريندر مودي ھن جنگ وسيلي اھو ڪجھ حاصل نه ڪري سگھيو آھي، جيڪا ھن جي اصل ڀاونا ھئي. جيتوڻيڪ ھن جنگ موديءَ کي مڪمل طور تي نراس نه ڪيو آھي پر ھن جي جنگ دوران عالمي اڪيلائي ۽ جنگ ۾ ھن جي ان ھوائي فوج جي پلئه پيل ھار افسوسناڪ نتيجا کڻي آئي آھي، جنھن وٽ فرانس جا رافيل جھاز به ھئا.

اھا حقيقت عالم آشڪار آھي ته پاڪستان چين جي مدد کان سواءِ ھن جنگ ۾ ايتري سوڀ حاصل نه سگھي ھا، جنھن سان ڀارت ڪافي حد تائين بوکلائجي ويو آھي. ڀارت جي لاءِ وڏي مصيبت اھا به آھي ته ھو ھن جنگ ۾ چين جي ڪردار کي چڱي طرح ڪر ھيٺ نه ٿو آڻي سگھي، ڇو ته چين جي سرھائيءَ ۾ به ڀارت جي ارھائيءَ جو پھلو ڀرپور انداز سان موجود آھي. پوري دنيا کي معلوم آھي ته ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ نه صرف سرحدي ڇڪتاڻ آھي پر ڀارت پنھنجي جنگي تياري چين کي اک ۾ رکي ڪندو آھي. جيڪڏھن ڀارت اھو چوي ٿو ته ھن جي ھار پويان چين جي جنگي ٽيڪنالاجيءَ جو ھٿ آھي ته ان طرح سان ھو نه صرف پنھنجي شڪست جو اعتراف ٿو ڪري پر چين کي پنھنجي مٿان سوڀارو به قرار ڏئي ٿو ۽ ان قسم جو اعتراف ڀارت جي دل مٿان گھري چوٽ جو باعث بڻجي ٿو. ڀارت ھن مھل مارجي ويل چور جي ماءُ وانگر پنھنجي غم جو به کليل طرح سان اظھار ڪري نه ٿو سگھي. اھا پيڙا ڀارت ۾ نه صرف مودي پر مجموعي طور سموري رياست جي رسوائيءَ جو باعث بڻيل آھي.

پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ چئن ڏينھن واري پنجين جنگ کان جيت ۽ ھار جي جن دعوائن جو دور ھلي رھيو آھي، ان ۾آمريڪا پاران امن جو ڪريڊٽ کڻڻ واري ڪوشش ته سمجھ ۾ اچي ٿي پر ان سلسلي ۾ چين جي چپ تمام گھڻي معنيٰ خيز آھي. يورپ ۽ خاص طور تي فرانس جي خاموشي به پنھنجي خواريءَ مٿان پردو پيو ھجڻ جي ڪوشش آھي پر چين جي مرڪندڙ ماٺ ۾ جيڪي مستقبل جا مفاد نظر اچن ٿا، انھن جو اظھار ھر طرح سان پڌرو آھي.

چين پاڪ ڀارت جنگ ۾ پنھنجي مختصر سيڙپڪاري شامل ڪري ماحول کي مڪمل طور تي پنھنجي حق ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي. ھڪ طرف مغربي ملڪن جي ھٿيارساز ڪمپنين جا شيئرز ھيٺ ڪري رھيا آھن ۽ ٻئي طرف چيني ڪمپنين جا شيئرز وڌي رھيا آھن ۽ ٽين طرف چين جو ڀَئو ڀارت جي دل ۾ گھرو ٿي ويو آھي. ڀارت ھن جنگ کان پوءِ ڪافي وقت تائين پاڻ کي چين جي چٽاڀيٽيءَ ۾ آڻڻ جو سوچي به نه سگھندو. ڇو ته چين بظاھر جنگ ۾ حصو نه وٺي به ڀارت کي جنھن ھار سان ھمڪنار ڪري ڇڏيو آھي، ان ۾ ڀارت وٽ چين سان گھڻ طرفو سمجھوتو ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا واٽ نه بچي آھي ۽ آمريڪا پاران ھن جنگ ۾ ڀارت جو کليل طرح سان ساٿ نه ڏيڻ وارو عمل به ھڪ سفاڪ سوال وانگر ڀارت کي لاجواب ڪري چڪو آھي. ڀارت کي پوري پڪ ھئي ته ھو پاڪستان سان پنجون ڀيرو پنجو اٽڪائي اھڙي سوڀ حاصل ڪندو جيڪا ھن کي عالمي صف ۾ بيھارڻ جو باعث بڻبي پر ھن ڀيري ڀارت جي حصي ۾ آيل ھار ته ھن کي علاقائي مقابلي مان به آئوٽ ڪري ڇڏيو آھي. ڀارت پنھنجي ان ھار جي ذميواري ڪنھن جي مٿان وجھي؟ ڇا موديءَ جي لھندڙ سج جھڙي سياست ان شڪست جو شفق قبول ڪندي؟ ڇا ڪانگريس موديءَ جي ان مات تي پنھنجي جيت جو جشن ملھائي سگھندي؟ ڇا ھن جنگ مان جنتا پنھنجي سک جو واءُ سواءُ وٺي سگھي ٿي؟ ھن جنگ مان ته جمھوريت کي سرحد جي ٻنھي پاسن تمام شديد نقصان پيو آھي. ان حوالي سان اھو سوال پيدا ٿيڻ فطري آھي ته ڇا ھيءَ جنگ جمھوريت جي خلاف ھئي!!؟