ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سيمي فائنل ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي سائوٿ ايشين انڊر 12 ٽينس چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. ميڊيا موجب، پاڪستان جي شايان آفريدي ۽ راشد علي ڏکڻ ايشيائي انڊر 12 ٽينس چيمپئن شپ ۾ پنهنجن ڀارتي حريفن کي شڪست ڏئي ڇڏي. راشد علي ڀارتي مخالف ٿانوش شيکر کي 2-6، 3-6 تان شڪست ڏني، جڏهن ته شايان آفريدي کٽري نائين کي 0-6، 1-6 تان شڪست ڏني. ياد رهي ته پاڪستان ان کان اڳ گروپ ميچن ۾ مالديپ، بنگلاديش ۽ نيپال کي شڪست ڏني هئي. پاڪستان هاڻي ڏکڻ ايشيائي انڊر 12 ٽينس چيمپئن شپ جي فائنل ۾ ميزبان سريلنڪا سان مقابلو ڪندو.