واشنگٽن(م ڊ) ايران تي اسرائيلي جارحيت خلاف آمريڪا ۾ احتجاج جو سلسلو تيز ٿيندو پيو پيو وڃي، صدر ٽرمپ خلاف وائيٽ هائوس ٻاهران مظاهرا ڪيا ويا. احتجاجي مظاهرن ۾ ايراني ڄاون آمريڪين ۽ اتان جي شهرين ڀرپور حصو ورتو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ٽرمپ کي جنگ ۾ ٽپو نه ڏيڻ گهرجي، مظاهرين آمريڪا طرفان اسرائيل کي اربين ڊالرن جي فوجي امداد ڏيڻ تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هنن جو مطالبو هو ته آمريڪي صدر اهڙا قدم نه کڻي جنهن سان وچ اوڀر ۾ تڪرار کي هٿي ملي.