پشاور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اسان جون نسلون گولين جي آواز ۽ ڌماڪن جي گونج ٻڌندي وڏيون ٿيون، پاڪستان ون ڊي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ اهڙا نوجوان زنده آهن جيڪي موت سان ائين پيار ڪندا آهن جيئن ڪجهه ماڻهو زندگي سان پيار ڪندا آهن.سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ رضوان چيو ته اسان جون نسلون گولين جي آواز ۽ ڌماڪن جي گونج ٻڌندي وڏيون ٿيون آهن. هن مٽيءَ ۾ شهيدن جو رت آهي. اهي چون ٿا ته اسان الله جي پاڪ ڪلام مان سکيو آهي ته اسان کي جنگ نه ڪرڻ گهرجي، پر جيڪڏهن توهان تي جنگ مسلط ڪئي وڃي ته پوءِ پوئتي نه هٽجو. پاڪستان ون ڊي ٽيم جي ڪپتان چيو ته پاڪستان ڪافي عرصي کان دهشتگردي جو شڪار آهي، اهڙي قوم کي ڪو به شڪست نٿو ڏئي سگهي، ان تي مسلط ڪيل هر جنگ ان کي متحد، جاڳائيندڙ ۽ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي. محمد رضوان اهو به چيو آهي ته هي پيغام انهن سڀني لاءِ آهي جيڪي سمجهڻ، همت رکڻ، ايمان رکڻ، نه ته ظلم ڪرڻ ۽ نه ئي ظلم برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.