ڪراچي(شوبز نيوز) نامياري پاڪستاني اداڪار ۽ پروڊيوسر نبيل ظفر چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت جنگ مڙهي ته هر پاڪستاني فوجي بڻجي سامهون ايندو. هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي نبيل ظفر چيوته ڀارت رات جي اونداهيءَ ۾ بزدلاڻا حملا ڪيا، وار ڪرڻو ئي آهي ته دل تي سيني تي ڪريو، هن چيو ته مسجدون شهيد ڪيون ويون، جنهن سان ڀارتين جي هندو ذهنيت جو پتو پوي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته جنگ انسانيت جي هار ۽ امن انسانيت جي ڪاميابي آهي، جيڪڏهن توهين يورپ جي تاريخ پڙهو ته پتو پوندو ته سوين سال وڙهڻ کان پوءِ انهن کي سمجهه ۾ اچي ويو ته جنگ مسئلي جو حل ڪونهي. پاڪستان کليل دل سان والاريل ڪشمير ۾ ٿيل واقعي تي جاچ جي آڇ ڪئي، پاڪستان جھڙو ملڪ سالن کان خطرناڪ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، پر ڀارت پوءِ به پاڪستان تي حملو ڪيو، جڏهن به اليڪشن ٿيندي آهي يا ويجهي ايندي آهي ته ڀارت ان قسم جون حرڪتون ڪرڻ لڳندوآهي.