اسلام آباد (م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته جيڪڏهن جنگ لڳي ته رڳو پاڪستان هندستان نه پر پوري خطي ۾ ڦهلجي ويندي، پاڻي هندستان جو پي به بند نه ٿو ڪري سگهي، هي ڪا ٽونٽي ناهي جو ڪير بند ڪري ڇڏي، خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي فوج بهادر آهي اسان جي ايئرفورس بهترين آهي اڄوڪي فيصلي سان تمام گهڻي خوشي ٿي، هندستان شور ڪيو هو، اسان عمل ڪري ڏيکاريو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هندستان کي ياد هوندو ته اسان اڀي نندن کي پڪڙيو چانهه پياري ۽ واپس موڪليو