اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم، وزير دفاع ۽ سروسز چيفس سان گڏ انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، ڀارت سان سرحدي ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ دفاعي تيارين جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم آفيس جي پڌرائي موجب دوري دوران موجوده سيڪيورٽي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم سميت سياسي قيادت کي ڀارت جي پاڪستان سان مشرقي سرحد تي وڌندڙ جارحاڻي ۽ اشتعال انگيز روين جي پسمنظر ۾ روايتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل تيارين بابت آگاهه ڪيو ويو. قومي قيادت کي علائقائي سيڪيورٽي جي اڳڀرائن، ٿريٽس ميٽرڪس، روايتي عسڪري آپشنز، هائبرڊ وارفيئر ۽ دهشتگرد پراڪسيز بابت به آگاهي ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته سڀني ادارن جي گڏيل هم آهنگي ۽ آپريشنل تيارين کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ڪنهن به خلاف ورزي کي روڪي سگهجي ۽ ان جو فيصلائتو جواب ڏئي سگهجي. اداري جي پيشه ورانه مهارت ۽ حڪمت عمليءَ جي واکاڻ ڪندي وزيراعظم موجوده حالتن ۾ قومي مفادن جي تحفظ ۽ باخبر قومي سلامتي فيصلا ڪرڻ ۾ آءِ ايس آءِ جي اهم ڪردار جي ساراهه ڪئي. وزيراعظم چيو ته سڄي قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوجن سان گڏ آهي. پاڪ فوج دنيا جي سڀني کان وڌيڪ پيشه ور ۽ منظم فوجن مان هڪ آهي. سياسي قيادت روايتي ۽ غير روايتي چئلينجن جي مقابلي لاءِ پاڪ فوج جي حمايت جو بي مثال عزم ٻيهر ورجايو. وزيراعظم چيو ته اسان قوم جي مڪمل حمايت سان ۽ هٿياربند فوج جي قوت ذريعي پاڪستان جي سلامتي، وقار ۽ عزت کي برقرار رکڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون.
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت جو وڏو قدم، سڀني وفاقي ۽ صوبائي دهشتگردي خاتمي ۽ انٽيليجنس ادارن کي هڪ ڇٽي هيٺ آڻڻ جو فيصلو، وزيراعظم شهباز شريف پاران نيشنل انٽيليجنس فيوزن اينڊ ٿريٽ اسيسمينٽ سينٽر (نفٽاڪ) جو افتتاح ڪري ڇڏيو. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت 6 صوبائي سينٽر به قائم ڪيا ويندا، نفٽاڪ قومي دهشتگردي جي خلاف حڪمت عملي ۽ موثر ردعمل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو۔ وزيراعظم شهباز شريف تازو قائم ڪيل نيشنل انٽيليجنس فيوزن اينڊ ٿريٽ اسيسمينٽ سينٽر (نفٽاڪ) جو دورو ڪيو. وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم، دفاع وارو وزير ۽ هٿياربند فوجن جا سربراهه پڻ موجود هئا. وزيراعظم جديد ترين ٿريٽ اسيسمينٽ سينٽر هيڊڪوارٽر جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. نفٽاڪ پاڪستان جي قومي دهشتگردي خلاف حڪمت عملي لاءِ مرڪزي ادارو هوندو ۽ 50 کان وڌيڪ وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي انٽيليجنس اينڊ ٿريٽ مينيجمينٽ آرڪيٽيڪچر تحت آڻيندو. هن نظام کي مرڪزي قومي ڊيٽابيس جي مدد حاصل هوندي. گلگت ۽ آزاد ڪشمير سوڌو چئني صوبن ۾ مجموعي طور 6 انٽيليجنس فيوزن اينڊ ٿريٽ اسيسمينٽ سينٽر نفٽاڪ سان ڳنڍيل هوندا. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به صوبائي ٿريٽ اسيسمينٽ سينٽر ڪم ڪندا. فريم ورڪ کي انٽيليجنس جي حاصلات، تجزيي ۽ آپريشنل ردعمل کي موثر بڻائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. نفٽاڪ دهشتگردي خلاف رد عمل، قومي تياري، ۽ وسيلن جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو. وزيراعظم نفٽاڪ کي آپريشنل ڪرڻ ۾ شامل سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي ساراهه ڪندي چيو ته دهشتگردي جي خطرن سان گڏجي منهن ڏيڻ لاءِ نفٽاڪ هڪ قومي پليٽفارم آهي. دهشتگردي، غيرقانوني نيٽورڪن ۽ بيروني سپانسر شپ جو نيٽ ورڪ ختم ڪرڻ لاءِ مؤثر ادارا جاتي حڪمت عملي ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته نفٽاڪ ملڪ مان دهشتگردي ۽ ان جي سهولتڪارن جي ڍانچي کي ختم ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪندو.