اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو+م ڊ) ڀارت پهلگام دهشتگردي جي آڙ ۾ پاڪستان تي ميزائل حملا شروع ڪري ڇڏيا، ٻارڙي سميت 8 ڄڻا شهيد ۽ عورتن سميت 35 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پاڪ فوج پاران ڀرپور جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيوويو. رات دير سان ڀارت پاران پاڪستان ۾ آزاد ڪشمير جي راڄڌاني مظفرآباد، ڪوٽلي، لاهور ويجهو مريدڪي ۽ پنجاب جي علائقي بهاولپور سميت 5 جاين تي ميزائل حملا ڪيا ويا. حملن ۾ ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن. مظفر آباد ۾ حملي بعد مڪمل بليڪ آئوٽ آهي. حملي ۾ هڪ ٻارڙو شهيد ٿي ويو جڏهن ته هڪ عورت ۽ مرد زخمي ٿيا آهن. پاڪستان پنهنجون هوائي حدون سمورين هوائي جهازن لاءِ 48 ڪلاڪن لاءِ بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ سموريون مسافر اڏامون معطل ڪيون ويون آهن. ايوي ايشن ذريعن موجب ان باري ۾ نوٽم به جاري ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب مظفرآباد، احمدپورشرقيه ۽ ڪوٽلي ۾ زوردار ڌماڪا ٻڌا ويا جيڪي ٻڌي ماڻهو گهرن مان نڪري آيا. ان باري ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته هيستائين جي اطلاعن موجب 5 جاين تي حملا ڪيا ويا آهن اسان جي بزدل دشمن پنهنجي حدن مان بهاولپور، ڪوٽلي، مريدڪي، باغ ۽ مظفرآباد ۾ هوا مان ميزائل فائرڪيا. بهاولپور ويجهو احمدپور شرقيه ۾ مسجد سبحان تي حملو ڪيو ويو. ميزائل حملي جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. ڀارت شرمناڪ حملو ڪيو ڀارت جي حملي جو جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته اسان جي فوج ڀارت جي جهازن کي اچڻ نه ڏنو. هن چيو ته پاڪ ايئرفوس چوڪس آهي جنهن ڀارتي جهازن کي اچڻ نه ڏنو. ڀارت کي جواب پاڪستان وقت جو تعين ڪري ڏيندو. هن چيو ته ڀارت جي عارضي خوشي کي غم ۾ تبديل ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪوٽلي ۾ مسجد تي حملي ۾ 2 عام شهري شهيد ٿيا، احمدپورشرقيا ۾ هڪ ٻارڙو شهيد ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. امدادي ڪم جاري آهن. مظفرآباد ۾ نقصان نه ٿيو آهي. مظفرآباد ۾ ٻئي هنڌ به حملو ڪيو ويو آهي اتي جا تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته مسجدن تي حملا مودي جي آر ايس ايس جي ذهنيت جو نتيجو آهن. هن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي زمين ۽ فضا ۾ جوابي ڪارروائي جاري آهي.
اسلام آباد/ دهلي (م ڊ) پاڪستان جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارت جي 8 جاين تي حملا ڪيا. ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان والاريل ڪشمير جي علائقي ڪپواڙه، راجوڙي، ڪارگل، باره مُولا، راجوڙي، ڪليه پونڇ ۽ اکنور ۾ فوجي تنصيبن تي حملا ڪيا. نامياري صحافي اينڪر حامد مير موجب پاڪستان سري نگر ۾ ڀارتي ايئر بيس تي به حملو ڪيو آهي. سڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان 3 ڀارتي جهاز به تباهه ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته بچاءُ بابت وفاقي وزير خوا جه آصف 6 جاز تباهه ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري بلوم برگ سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ڀارت جا 5 جهاز تباهه ڪرڻ سان گڏ ڀارت جا ڪيترائي فوجي گرفتار پڻ ڪري ورتا آهن. ڀارت جو هڪڙو جھاز ڀنڊا ۽ ٻيو اخنور ۾ ڪيرايو ويو. جڏهن ته ٽيون راونتي پورا ۾ تباهه ڪيو ويو. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي جھاز تباهه ڪندڙ پاڪستان جا سمورا جھاز محفوظ آهن. تباهه ڪيل ڀارتي جھازن ۾ هڪ رافيل جھاز پڻ شامل آهي. هڪ جھاز مگ 20 امبالا ۾ به تباهه ٿيو آهي. ڀارتي رافيل جھاز تباهه ٿيڻ جي عالمي خابرو اداري اسڪاءِ نيوز به تصديق ڪري ڇڏي آهي. ان کان سواءِ سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڀارت جي برگيڊ هيڊڪوارٽر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته پاڪستان ڪنٽرول لائن تي دو دنيال سيڪٽر ۾ ٽن ڀارتي چيڪ پوسٽن کي به تباهه ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪنٽرول لائن جي برنالا سيڪٽر تي پاڪستان ڀارتي ڊرون به ڪيرائي وڌو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيوآهي ته ڀارت جي عارضي خوشيءَ کي غم ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، پاڪستان جي قومي سلامتي تي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين. پاڪستان پاران ڀارت کي حملي جو ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي. سڪيورٽي ذريعن موجب ڀارتي فوجي ڪنٽرول لائن تي چوڪيون ڇڏي فرار ٿي ويا آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب 40 ڀارتي فوجي چوڪيون ڇڏي فرار ٿي ويا. ڄاڻايل فوجي پير ڪانٽي سيڪٽر تي چوڪيون ڇڏي فرار ٿيا. سڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستاني جوابي ڪارروائي ۾ڀارت ۾ ڪيترائي فوجي به مارجي ويا آهن. پاڪستان ڀارت ي ڊناپوسٽ به تباهه ڪئي وئي آهي، جتان ڀارتي فوجي ڀڄي ويا آهن. جڏهن ته ميڊيا تي سري نگر ۾ تباهه ٿيل ڀارتي جھاز جون وڊيوز به اچي ويون آهن. ٻئي پاسي پاڪستان جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار جنرل عاصم ملڪ آمريڪي پرڏيهي وزير سان رابطو ڪيو، ان موقعي تي ڀارت جي حملي کان پوءِ واري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هوڏانهن رات 4 وڄي 8 منٽن تي پريس بريفنگ ڏيندي پاڪ فوج جي ترجمان ڊي جي آءِ ايس پي آر جنرل احمد شريف چيو ته پاڪستان ۾ ڀارت 6 جاين تي 24 حملا ڪيا، انهن بزدلاڻين ڪارروائين ۾ 8 شهري شهيد، 35 زخمي ۽ 2 لاپتا ٿيا آهن. جن مان احمد پور شرڪيه ۾ 5 شهري شهيد ٿيا، ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب سيالڪوٽ جي ڳوٺ ڪوٽلي لوهاران ۾ ٻه حملا ڪيا ويا جن مان هڪ گولو نه ڦاٽو، هن چيو ته ڀارت جي بزدلاڻي حملي جو جواب پاڪ فوج پاڪستاني عوام جي مدد سان ڏنو آهي ۽ ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ڀارتي حملي ۾ ٿيل جاني نقصان وارين جاين تي اڄ عالمي ميڊيا کي وٺي وينداسين ۽ ڏيکارينداسين ته هنن ڪيئن معصوم شهرين کي نشانو بڻايو آهي. رات دير سان ڀارت جي جنگي جهاز کي انبالا ايئربيس تان اڏامندي تباهه ڪيو ويو. جنهن آپريشن ۾ پاڪستان جي جي ايف 17 ٿينڊر حصو ورتو.