اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت سان جڏهن به ڳالهيون ٿينديون ته ڪشمير، پاڻي، واپار ۽ دهشتگردي جي حوالي سان ٿينديون، جنگ مستقل حل نه آهي، امن ئي محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي، ڀارت اڃا تائين ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ ڳالهين لاءِ راضي ناهي ٿيو، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جنگ دوران اسرائيل ڀارت جي مدد ڪئي، سرينگر ۽ ٻين هنڌن تي ڀارت اسرائيلي هٿيار استعمال ڪيا، جنگ کان اڳ 150 تربيت يافته اسرائيلي ڀارت پهتا هئا، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جڏهن به دهشتگردي بابت ڳالهيون ٿيون ته ٻنهي ملڪن جا قومي سلامتي جا صلاحڪار ڪندا، ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو سٺو ٿي سگهي ٿو پر ڀارت ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ ڳالهيون جي شرط تي راضي نه آهي، وزيراعظم چيو ته آرمي چيف کي فيلڊ مارشل بڻائڻ جو فيصلو منهنجو هو، ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ نواز شريف سان مشاورت ڪندو آهيان،. صحافين جي سوال تي ته اوهان ڇا بڻيا؟ شهباز شريف کلندي چيو ته مون کي سياسي فِيلڊ مارشل چئو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهين لاءِ سعودي عرب يا گڏيل عرب امارات مان ڪنهن هڪ هنڌ جو تعين ڪيو ويندو، ڳالهين دوران آمريڪي دٻاءُ بنيادي ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم کلندي چيو ته اسان اڄ به چيني ٽيڪنالاجي مان ڀرپور فائدو ورتو آهي، جنگ دوران ترڪي، سعودي عرب، يو اي اي ۽ آذربائيجان اسان جو ساٿ ڏنو، چين ته مڪمل طور سان اسان سان گڏ آهي.