لاهور(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪ_ڀارت جنگبنديءَ کان پوءِ پاڪستان سپر ليگ جون باقي رهيل ميچون ٻيهر بحال ٿيڻ جو پڪو امڪان پيدا ٿي ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته پي ايس ايل اتان ئي شروع ڪئي ويندي جتي ختم ٿي وئي هئي، ان لاءِ  ٽيمن۽ رانديگرن کي اسٽينڊ باءِ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) انتظاميا فرنچائزز سان رابطو ڪري پرڏيهي رانديگرن کي دبئي ۾ روڪڻ جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن موجب، ڀارت سان جنگبندي جي اعلان کانپوءِ پي ايس ايل مئنيجمينٽ فرنچائزز کي آگاهه ڪيو آهي ته مقامي رانديگر به ذهني طور تي تيار رهن ۽ امڪان آهي ته سڀني کي اسلام آباد گڏ ٿيڻ لاءِ چيو وڃي. پي ايس ايل انتظاميا راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ رهيل ميچون ڪرائڻ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ گذريل ڏينهن پي ايس ايل اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. پي سي بي چيئرمين رهيل ميچون دبئي ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو، پر هاڻي امڪان طاهر ڪيو پيو وڃي ته پي ايس ايل جون رهيل ميچون پاڪستان ۾ ئي ٿي سگهن ٿيون. حالتون بهتر ٿيندي ئي رهيل ميچن جي حوالي سان حتمي فيصلو ڪيو ويندو.