جنگ جي ڌُٻڻ ۽ آمريڪا جي پريشاني

0
38
جنگ جي ڌُٻڻ ۽ آمريڪا جي پريشاني

  13 جون تي صبح 4 وڳي  اسرائيل جي جهازن ايران تي وڏو حملو ڪيو. ان کي آپريشن  Operation Rising Lion چئجي ٿو. گذريل سال اپريل ۾ به اسرائيل ايران تي حملو ڪيو هو، ايران ان جو به جواب ڏنو هو جنهن مان اسرائيل جو گهڻو نقصان نه ٿيو هو. اسرائيل جو موجوده حملو ڀرپور هيو، ان جي پلاننگ گذريل ڇهن مهينن کان ٿي رهي هئي. حملي کان اڳ آمريڪا ۽ يورپي ملڪن مڊل ايسٽ مان پنهنجا غيرضروري ماڻهو ۽ عملو واپس گهرائي ورتا هئا. اسرائيل جو ايران جي اندر پکڙيل پنهنجي جاسوسي نيٽ ورڪ جي ذريعي پنهنجا ڊرون ۽ ايراني نيٽ ورڪ کي جيم ڪندڙ اوزار لڪائي رکيا، ان کان سواءِ حملي ۾ چار اهم فوجي جنرل جنهن ۾ پاسداران انقلاب جي چيف حسين سلامي، ايراني فوج جي سربراه جنرل محمد باقري، جنرل غلام علي ۽ ٻيا شامل آهن. ان کانسواءِ ايران جا ڇهه جوهري سائنسدان به حملي ۾ شهيد ٿي ويا. مارجي ويل فوجي جنرلن جي چرپر تي موساد جي نظر هئي. جنهن کانپوءِ اسرائيل گهڻ طرفو ۽ ڀرپور حملو ڪيو، ان حملي ايران جا هٿ پير ٺاري ڇڏيا. ان حملي ۾ ايران جا جوهري ٺڪاڻا به تباه ٿي ويا، فوج جا اهم جنرل ۽ ڪجهه ايٽمي سائنسدان، ان کانسواءِ 78 عام ماڻهو مارجي ويا ۽ 320 زخمي ٿيا. ان سان ايران کي وڏو ڌڪ لڳو آهي. اها ايران جي وڏي ۾ وڏي انٽيليجنس ناڪامي آهي. ايران سان اڳي به اهڙا وڏا واقعا  ٿيندا رهيا آهن. شايد ايران پنهنجي جاسوسي نظام کي بهتر ڪري نه سگهيو آهي جنهن جو اسرائيل ڀرپور فائدو وٺي ٿو.

ايران اسرائيل تي جوابي حملو ڪيو آهي. ان ۾ سوين بئلسٽڪ ميزائيل ۽ هائپر سونيڪ ميزائيل اسرائيل تي فائر ڪيا آهن. اسرائيل جي ڪيل هن حملي ۾ آمريڪا، برطانيا، فرانس، جرمني ۽ پاڙي وارن اسلامي ملڪن ۾ جتي آمريڪي اڏا آهن انهن مدد ڪئي آهي، جنهن ۾ سعودي عرب، قطر، اردن، مصر، شام ڪجهه ٻيا ملڪ شامل آهن. ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جيڪي اسلامي ملڪ اچن ٿا انهن اسرائيل جي جهازن ۽ ميزائيلن کي پنهنجي ملڪن مٿان گذرڻ جي اجازت ڏني. اسرائيل جي جهازن ۾ واٽ تي تيل ڀرڻ لاءِ آمريڪي تيل بردار هوائي جهازن برادر اسلامي ملڪن جي هوائي حدن ۾ اسرائيل جي جهازن کي تيل ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. ان کان پهرين آمريڪا ايران کي ڳالهين ۾ مصروف رکڻ جي لاءِ قطر ۾ آمريڪا ايران جي وفدن ۾ ڳالهين جا مختلف دور هلي رهيا هئا، ايران مسئلي کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جو حامي رهيو آهي، ايران ان غلط فهمي ۾ رهيو ته صدر ٽرمپ جنگ مخالف آهي جيڪو اسرائيل کي جنگ کان روڪيندو. ايران کي اها خبر تڏهن پئي جڏهن صدر ٽرمپ ايران کي ڌمڪي ڏني ته سٺ ڏينهن جي اندر ايران اسان سان ڊيل نٿو ڪري ته پوءِ اسان تي ميار نه ڪجو. پوءِ سڄي دنيا ڏٺو ته ڳالهين جو دور هلندي 61هين ڏينهن تي اسرائيل ايران تي حملو ڪري ڇڏيو. ڏٺو وڃي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو صرف هڪ ڪردار آهي ان ڪردار جي پٺيان آمريڪا ۽ يورپ بيٺل آهن، ان جي پٺيان هڪ فاشسٽ مائينڊ سيٽ بيٺل آهي، سامراجيت جو سڄو نظريو ان سان گڏ آهي. نيتن ياهو 1990 کان چئي رهيو آهي ته ايران جلد ئي ايٽم بم ٺاهي وٺندو ان مان اسرائيل جي وجود کي خطرو آهي، پر حقيقت ۾ ائين ناهي، آمريڪا اسرائيل گڏجي هڪ هڪ ڪري اسرائيل مخالف عرب حڪومتن کي جمهوريت جي نالي ۾ مسلم ويڙهاڪ گروپن جي ذريعي تباه ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ عراق لبيا، شام، تيونس، مصر، اردن، لبنان ۽ افغانستان شامل آهن. هاڻي اهي ملڪ ۽ ان کانسواءِ ٻيا مسلم برادر ملڪ آمريڪا جا ٻڌا ٻانها آهن. اردن جي حالت اها آهي ته هو هن وقت اسرائيل جي بچاءُ لاءِ هڪ ديوار بنجي بيٺو آهي، جيڪي ميزائيل ۽ ڊرون ايران طرفان اسرائيل تي فائر ڪيا وڃن ٿا اهي اردن جي هوائي حدن مان گذرن ٿا، انهن کي اسرائيل تائين پهچڻ کان پهرين اردن وارا تباه ڪري ڇڏين ٿا، ايران جڏهن هڪ سئو ميزائيل اسرائيل تي فائر ڪري ٿو ان مان اندازن 90 ميزائيل اسرائيل جي سرزمين تي پهچڻ کان پهرين عرب ملڪن ۾ ويٺل آمريڪي فوج تباه ڪري ڇڏي ٿي. اهڙي طرح سان جنگ ۾ اسرائيل جو نقصان گهٽ ٿي رهيو آهي. دنيا جي ڪجهه اخبارن هن طرح سان رپورٽ ڪيو آهي. 16 جون جي آن لائين اخبار گلوبل ريسرچ پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾ لکيو آهي ته “ايران تي اسرائيل جي ڪيل حملن جي 18 ڪلاڪن کانپوءِ ايران اسرائيل تي سوين بئلسٽڪ ۽ هائپر سونيڪ ميزائيل اسرائيل جي گادي واري شهر تل ابيب، يروشلم ۽ ٻين شهرن مٿان فائر ڪيا آهن، جنهن سان اسرائيل جو دفاعي نظام آئرن ڊوم ۽ جاسوسي نظام ناڪام ٿي ويو آهي. هاڻي اسرائيلي وزيراعظم آمريڪا کي جنگ ۾ ٽپي پوڻ ۽ اسرائيل کي بچائڻ لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي. اسرائيل هاڻي مڪمل شڪست جي ڪنڌي تي بيٺو آهي، ساڳئي وقت روس، چين، پاڪستان ۽ گهڻو ڪري سڄي مسلم دنيا ايران جي حمايت ۾ گڏ ٿي رهي آهي. انهن جو ايران ڏانهن مدد، سامان ۽ فني سهڪار وڏي مقدار ۾ اچي رهيو آهي. هاڻي حقيقت سان منهن ڏيڻ جو وقت آهي. آمريڪا 2003 کان وٺي وچ اوڀر ۾ جنگين دوران 12 ٽريلين ڊالر خرچ ڪري چڪو آهي، ان جي نتيجي ۾ 7 هزار آمريڪي فوجي مارجي ويا، 50 هزار زخمي ٿيا، اڄ آمريڪا 37 ٽريلين ڊالر جو قرضي آهي. جيڪڏهن اسرائيل ايران جي 90 سيڪڙو تيل پيدا ڪندڙ خارگ ٻيٽ تي حملو ڪري ٿو يا بندر عباس تي حملو ڪري ٿو ته ايران هرمز جو سامونڊي لنگهه بند ڪري ڇڏيندو جتان دنيا جي تيل جي 20 سيڪڙو فراهمي متاثر ٿيندي. ان جو مطلب سپلائي چين جي تباهي، مهانگائي جو طوفان، پيٽرول رات پيٽ ۾ 7 ڊالر في گيلن تائين پهچي ويندو، دنيا جي معيشت تباه ٿي ويندي، جيڪڏهن آمريڪا هن جنگ ۾ گهلجي آيو ته اها ايٽمي جنگ به ٿي سگهي ٿي”.

ساڳي اخبار جي هڪ ٻئي آرٽيڪل ۾ پيٽر ڪوئنگ لکيو آهي ته “13 جون جي اسرائيلي حملي کانپوءِ صورتحال اچانڪ تبديل ٿي وئي، ايران سوين تيز رفتار وارا ميزائيل اسرائيل تي فائر ڪيا آهن، جن اسرائيل جي اينٽي بلاسٽڪ ميزائيل سسٽم ۽ آمريڪا جي ٿاڊ THAAD  دفاعي نظام انهن ميزائيلن کي روڪي نه سگهيو آهي.” اخبار لکي ٿي ته “جڏهن صدر ٽرمپ ٻيون دفعا صدر ٿيو ته پاڻ کي نام نهاد “امن جو صدر” چورائڻ لڳو، پر هن جي عملن مان ظاهر ٿيو ته هي جنگجو صدر آهي. هن آمريڪي عوام ۽ دنيا کي وڏي ۾ وڏو دوکو ڏنو آهي.” 13 جون جي روسي ٽي وي آر ٽي ۾ شهه سرخي واري خبر هئي ته “ايران تي اسرائيل جي ڪيل حملي تي صدر ٽرمپ اسرائيل کي شاباس ڏيندي چيو ته ايران کي تيستائين نه ڇڏيو جو هو مون سان ڊيل ڪرڻ لاءِ گوڏا نه کوڙي”.

16 جون جي روسي اخبار اسپوتنيڪ انٽرنيشنل جي هڪ آرٽيڪل جنهن جو عنوان “ايران ڪيئن اسرائيل جي آئرن ڊوم کي ان جي ئي دفاعي نظام جي خلاف استعمال ڪيو؟” ۾ هڪ روس جي هڪ فوجي ماهر جو چوڻ آهي ته “فوٽيج مان معلوم ٿئي ٿو ته ايراني ميزائيل جي اڏام دوران ايران وارن اسرائيل جي آئرن ڊوم دفاعي نظام جي ڊيٽا ٽرانسميشن تي ڪنٽرول ڪري دفاعي ميزائيل جو رخ موڙي ڇڏيو، جنهن جي ڪري اهو پنهنجي صحيح هدف يعني ايراني ميزائيل سان ٽڪرائجڻ بدران اسرائيل جي پنهنجي ئي دفاعي بيٽري ڏانهن موڪلي ڇڏيو جنهن سان هن پنهنجي ئي دفاعي نظام تي حملو ڪري ڇڏيو”. 17 جون تي G7 ملڪن جي اهم ميٽنگ ڪينيڊا ۾ ٿي آهي، انهن ملڪن جي سربراهن جنهن ۾ صدر ٽرمپ، شامل آهي، پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل کي پنهنجي دفاع ڪرڻ جو حق حاصل آهي، اسين اسرائيل جي سلامتي لاءِ پنهنجي حمايت وڌايون ٿا”.

آمريڪا هن جنگ وسيلي ايران ۾ رجيم چينج ڪرائڻ چاهي ٿو، آمريڪا جو اصل مقصد ايران کي چين ۽ روس جي گڏيل اتحاد برڪس جيڪو هن وقت دنيا جي 40 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي تي مشتمل آهي، تنهن مان ڪڍي پنهنجي مغربي ڪيمپ ۾ آڻڻ چاهي ٿو. آمريڪا جيئن دنيا جي ٻين ملڪن جهڙوڪ شام، مصر، عراق ۽ ٻين ۾ پنهنجا حڪمران تخت تي ويهاريا آهن، تيئن ايران ۾ به هو “پنهنجو” ماڻهو آڻڻ چاهي ٿو جيئن جمهوريت، آزادي ۽ ٻين پرفريب نعرن جي آڙ ۾ ايران کي پنهنجو غلام ۽ تابع بنائي رکي پر هن وقت تائين جي صورتحال مان نظر اچي رهيو آهي ته ايراني عوام سامراجي پرفريب نعرن ۾ اچي پنهنجي هاڻوڪي حڪمرانن خلاف اسرائيل جي مدد نه ڪندا. جنهن جو تازو مثال ايراني ڪميونسٽ پارٽي (تودا) به رجيم چينج جي سخت مخالفت ڪئي آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي عوام سان بيٺل آهي.