نئين دهلي(اسپورٽس ڊيسڪ) دنيا جي سڀ کان وڏي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ملڪ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ رانديگرن جي حفاظتي صورتحال کي نظر  ۾ رکندي هڪ هفتي لاءِ معطل ڪئي وئي آهي. ڀارتي بورڊ جو چوڻ آهي ته جنگ جي حالت ۾ ڪرڪيٽ نٿي کيڏي سگهجي. ان ڏس م آءِ پي ايل جي گورننگ ڪائونسل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو سڀني اهم اسٽيڪ هولڊرن، فرنچائزن، براڊڪاسٽرز، اسپانسرز سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويو آهي. بي سي سي آءِ طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ ٻئي بيان ۾ چيو ويو ته ”بي سي سي آءِ قوم سان گڏ بيٺل آهي، اسين ڀارتي حڪومت، هٿياربند فوج ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا.“ بيان ۾ پاڪستان تي ” اڳرائيءَ“ جو الزام پڻ مڙهيو ويو. واضح رهي ته بي بي سي ذريعن موجب، اتر پرديش جي شهر ۾ جمعي ڏينهن رائل چيلينجرز بنگلورو ۽ لکنئو سپر جائنٽس وچ ۾ شيڊيول 59 هين ميچ پڻ ملتوي ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن ڌرمشالا ۾ اختيارين فلڊ لائيٽس جي خرابيءَ جو سبب ڄاڻائي پنجاب ڪنگز ۽ دهلي ڪيپيٽلز جي ميچ به اڌ ۾ روڪي، اسٽيڊيم خالي ڪرايو ويو هو. ٻئي پاسي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جون باقي رهيل ميچون گڏيل عرب امارتن ۾ ٿينديون. ڀارتي ميڊيا موجب، بي سي سي آءِ، آءِ پي ايل کي مڪمل طور معطل ڪرڻ تي پڻ غور ڪري رهيو هو، آءِ پي ايل جي آخري ميچ 25 مئي تي شيڊيول آهي.