راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان زمين کان زمين تائين هدف کي ڪاميابي سان نشانو بڻائيندڙ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان ”ابدالي“ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، جيڪو زمين کان زمين تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. آءِ ايس پي آر موجب ابدالي ويپن سسٽم جو تجربو انڊس مشقن جي دوران ڪيو ويو، ان تجربي جو مقصد آپريشنل تيارين ۽ ٽيڪنيڪي پهلوئن جي جاچ هئي، ابدالي ميزائل جي رينج 450 ڪلوميٽر آهي ۽ اهو جديد نيويگيشن سسٽم سان ليس آهي، آرمي اسٽرٽيجيڪ فورسز جي ڪمانڊر ان تربيتي لانچ جو مظاهرو ڪيو. جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ سروسز چيفس ڪامياب ميزائل تجربو ڪندڙ انجنيئرن ۽ سائنسدانن کي واڌايون ڏنيون، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف به ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪ  ڏني.