
تهران/تل ابيب (م ڊ) ايران طرفان جوابي حملي کانپوءِ اسرائيلي حڪومت فوج کي ڪارروائي لاءِ فري هينڊ ڏئي ڇڏيو، نتيجي طور اسرائيل جي تازي حملي ۾ وڌيڪ 2 ايراني جنرل انٽيليجنس جو نائب سربراهه سردار غلام رضا محرابي ۽ ڊپٽي چيف آف جنرل اسٽاف مهدي رباني، 3 جوهري سائنسدان ۽ 20 ٻارن سميت 65 شهري شهيد ٿي ويا ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ورتي آهي. ڇنڇر جي صبح ايران طرفان اسرائيل تي پنجون وڏو ميزائل حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ درجنين ميزائل فائر ڪيا ويا، ان حملي دوران خاص طور تي اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب کي نشانو بڻايو ويو. ايراني حملي جي نتيجي ۾ 4 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 176 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، آخري حملي ۾ وڌيڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 14 ڄڻا زخمي ٿيا جنهن سان ماريلن جو انگ 5 ۽ زخمين جو 190 ٿي ويو آهي. اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڌماڪن جا آواز تل ابيب، بيت المقدس ۽ گش دان سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻڌا ويا، جنهن سبب شهرين ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.ايران جي پاسدارانِ انقلاب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن ”وعده صادق 3“ تحت اسرائيل جي مختلف هدفن تي 300 کان وڌيڪ ميزائل فائر ڪيا ويا آهن. پاسداران جي سينيئر آفيسرن جو چوڻ آهي ته ”اسان جو بدلو هاڻي شروع ٿيو آهي ۽ اسرائيل کي پنهنجي غلطيءَ جو حساب ڀوڳڻو پوندو.“ بعد ۾ رات جو دير سان وڌيڪ 100 بيلسٽڪ ۽ هائپرسونڪ ميزائل فائر ڪيا ويا جنهن سان سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا ۽ ڌماڪن جا آواز والاريل القدس ۽ ٻين شهرن ۾ ٻڌا ويا. حيفا بندرگاهه، وڏي گيس فيلڊ، تمرا، اشڪلون ۽ وٽ پاور پلانٽ کي نشانو بڻايو ويو. اسرائيلي حڪمران ۽ ماڻهن کي محفوظ بنڪرن ۾ منتقل ڪيو ويو. اسرائيل جي فوجي ٺڪاڻن تي ڊرون حملا ڪيا ويا. هوڏانهن اسرائيلي فوج (آءِ ڊي ايف) به ايران خلاف جوابي ڪارروائي ڪئي آهي. اسرائيلي دعويٰ موجب اصفهان نيوڪليئر سائيٽ تي حملا ڪري اهم ٺڪاڻن ۽ ليبارٽريون تباهه ڪيون ويون، جڏهن ته ان ڪارروائي ۾ وڌيڪ 2 جنرل، 3 جوهري سائنسدان ۽ 20 ٻارن سميت 65 شهري مارجي ويا. اسرائيلي بچاءُ واري وزير خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران طرفان ميزائل حملا جاري رهيا ته پوءِ ”تهران باهه جي شعلن جي ور چڙهي ويندو.“ اسرائيل بندرعباس، آبادان شهرن ۾ تيل جي فيلڊن تي حملا ڪيا. ٻئي پاسي ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس اسرائيل کي تهران جا جوابي حملا روڪڻ ۾ مدد فراهم ڪندا رهيا ته خطي ۾ موجود انهن ملڪن جي فوجي اڏن ۽ بحري جهازن کي نشانو بڻائينداسين. ايران جي سرڪاري ميڊيا طرفان چيو ويو آهي ته اسرائيل جي سڀني اتحادين ۽ ايران طرفان اسرائيل تي حملي دوران ميزائل ڪيرائڻ ۾ ان جي مدد ڪندڙن جا وچ اوڀر ۾ قائم اڏا محفوظ نه رهندا. اسرائيلي آرمي چيف ايال زمير جو چوڻ آهي ته اسرائيل لاءِ ايران تائين رستو صاف ٿي ويو، تهران کي نشانو بڻائڻ شروع ڪنداسين. ايندڙ 48 ڪلاڪ اهم آهن. اصفهان ۾ سرگرميون ظاهر ڪن ٿيون ته ايران هٿيارن لاءِ يورينيم رچائي رهيو هو اسان جي هوائي فوج تهران جي فضائن ۾ حملا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ايران جي ايٽمي سائنسدانن، فوجي عملدارن ۽ ميزائل لانچنگ سسٽم کي نشانو بڻائي رهيا آهيون. تهران جي شهرين کي اسرائيلي شهرين تي حملي جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جو فضائي دفاعي نظام تباهه ڪيو ويو آهي. ايران جا ڪيترائي ڊرون تباهه ڪيا ويا آهن. ميڊيا رپورٽ موجب تهران جي مهرآباد هوائي اڏي تي 2 ميزائل ڪريا جنهن سان باهه لڳي وئي هتي ايئرفورس بيس ۽ ايران جي ويڙهاڪ جهاز ۽ ٽرانسپورٽ جهاز موجود هوندا آهن. جڏهن ته اسرائيل ايران جا ڪيترائي بيلسٽڪ ميزائل لانچر تباهه ڪرڻ جي وڊيو جاري ڪئي آهي. جڏهن ته زنجان ۾ ڇانوڻي تي به حملا ٿيا آهن، ڪرمان شاهه صوبي جي فوجي اڏي تي ڌماڪا ٿيا جنهن بعد دونهون اٿندي ڏٺو ويو. اصفهان ۾ بجلي گهر کي به تباهه ڪيو ويو آهي. اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته اسان ايران جي هر اڏي ۽ حڪومت جي هر ٺڪاڻي تي حملا ڪنداسين. ٻئي طرف ايران تي رات جو دير سان اسرائيل هڪ ڀيرو وري هوائي حملا ڪيا جنهن ۾ 70 جنگي جهازن حصو ورتو. اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته نون حملن ۾ 100 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو ويو آهي. بشهر ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي گيس فيلڊ تي اسرائيلي حملي ۾ باهه لڳي وئي آهي. جڏهن ته ايران مشهد ۾ اسرائيلي حملو ناڪام بنائڻ ۽ 10اسرائيلي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جنهن جي اسرائيل ترديد ڪئي آهي. ايراني ميڊيا اسرائيل جي ڪيرايل ڊرون جي تصوير به جاري ڪري ڇڏي آهي. ايران اينٽي ايئرڪرافٽ سسٽم کي تبريز ۽ اصفهان ۾ ايڪٽيويٽ ڪري ڇڏيو آهي. اصفهان ۾ به ايٽمي ٺڪاڻي کي نقصان پهچڻ جا اطلاع آهن. جڏهن ته اسرائيل تي ايران جي جلد ئي نون حملن جو خدشو آهي جنهن ڪري اسرائيلي ايجنسي موساد جو هيڊڪوارٽر ۽ فوج جو اڏو خالي ڪرايو ويو آهي. ايران چيو آهي ته اسرائيل جي مدد لاءِ نار ۾ ايندڙ برطانوي بحري ٻيڙي کي روڪي ورتو آهي جنهن بعد برطانوي ٻيڙو پنهنجو رخ مٽائي ويو آهي. ايران برگيڊيئر جنرل سيد ماجد موسوي کي ايئرفورس جو نئون سربراهه مقرر ڪيو آهي. عراق جي حڪومت اسرائيل پاران ايران تي حملي لاءِ سندس هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سعودي ولي عهد سان رابطو ڪري صورتحال تي ڳالهايو ۽ چيو ته اسان خطي ۾ بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا پر صهيوني رياست ائين ڪرڻ نه ٿي ڏئي. سعودي ولي عهد طاقت جو استعمال نه ڪرڻ تي زور ڀريو. جڏهن ته فرانس جي صدر ميڪرون ايراني هم منصب کي فون ڪري تحمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. خطي جي صورتحال تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ به فون تي رابطو ٿيو. صدر ٽرمپ مطالبو ڪيو ته ايران ۽ اسرائيل جي جنگ ختم ٿيڻ گهرجي. آزربائيجان جي پرڏيهي وزير ايراني هم منصب سان رابطو ڪري اسرائيلي حملن ۾ فوجي عملدارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته آذربائيجان ايران تي حملي لاءِ پنهنجون حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. عالمي ايٽمي ايجنسي جو چوڻ آهي ته ايران جو يورينيم رچاءُ جو مک ٺڪاڻو فورڊو محفوظ آهي. اسرائيل تهران ۽ يمن ۾ حوثي باغين تي حملن جي دعويٰ ڪئي آهي. جڏهن ته اسرائيل اهم حوثي فوج جي سربراهه چيف آف اسٽاف عبدالڪريم الغاماري تي ڊرون حملي جي دعويٰ ڪئي آهي پر ان جي تصديق نه ٿي سگهي آهي. اسرائيل يمن تي بمباري ڪئي. آمريڪا به اڻ سڌي طرح جنگ ۾ شامل ٿيندي يوڪرين مان پنهنجي دفاعي نظام کي وچ اوڀر منتقل ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي حڪومت به تصديق ڪئي آهي. جڏهن ته يوڪرين کي ملندڙ ميزائل به وچ اوڀر آندا ويا آهن جنهن تي يوڪريني صدر خدشن جو اظهار ڪيو آهي. الجزيره موجب اسرائيل جي حملي ۾ تهران ۾ صدرا ۽ چٽگر ٽائون ۾ باهه لڳي وئي آهي.