تاريخ جي ورقن ۾ جنگ کي ڪڏهن بهادري ته ڪڏهن قومي سلامتيءَ سان جوڙيو ويو آهي. پر حقيقت ۾ جنگ انسانيت لاءِ هڪ اهڙو ناسور آهي، جنهن جا اثر تباهين، غربت، لڏپلاڻ، نفسياتي صدمن ۽ معاشي زوال جي صورت ۾ نسلن کي ڀوڳڻا پوندا آهن. جيتوڻيڪ دنيا اڄ جي دور ۾ امن ۽ ترقيءَ جي علمبردار سڏائي ٿي، ليڪن هٿيارن جي صنعت، جنگي اتحادن، ۽ سياسي مفادن سبب، جنگ عالمي ڪاروبار بڻيل آهي۔ تاريخ گواھ آهي ته جنگيون اڪثر طور وسيلن ۽ زمين تي قبضن، سياسي بالادستي حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهيون ويون آهن، پر انهن جي قيمت هميشه عام ماڻهن کي ڏيڻي پئي آهي، جن جو جنگي فيصلا ڪرڻ سان ڪو به واسطو نه هوندو آهي.
تاريخ جي شروعات کان جنگ انسانن سان گڏ رهي آهي. قبيلائي جهيڙا، وسيلن تي قبضا، بادشاهي ڦھلاء، ۽ ذاتي انتقام جنگين جا بنيادي ڪارڻ رهيا آهن. مصر، ميسوپوٽيميا، يونان، روم، چين، هندستان، ۽ اسلامي سلطنتن جي دور ۾ بيشمار جنگيون وڙهيون ويون. قديم دنيا جي پهرين وڏي جنگ ڪاديشي جنگ، جيڪا 1274 ق.م. ۾ مصر ۽ حتيتي سلطنت وچ ۾ ٿي. جديد دور ۾ نپولين جي فوجي چڙھاين، ڪالونيئل قبضن، ۽ ٻن عالمي جنگين، انساني تاريخ کي رتو رت ڪري ڇڏيو.
تاريخ جي سڀني جنگين کان بدترين ٻي عالمي جنگ رھي آھي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 7 ڪروڙ انسان اجل جو شڪار ٿيا. ويهين صديءَ جي جنگين، نسل ڪشي، ۽ فوجي قبضن ۾ مارجي ويلن جو انگ اندازن 10 ڪروڙ کان وڌيڪ آھي. مجموعي طور انساني تاريخ ۾ لڳل جنگين ۾ مارجي ويلن جو تعداد 15 کان 20 ڪروڙ ٿيندو، جن ۾ اڪثريت انھن ماڻهن جي آھي، جن جو جنگين سان ڪو واسطو نه هو، اھي زندگي، تعليم ۽ ترقيءَ جا خواهشمند هئا.
جنگ رڳو قيمتي جانيون نه ڳڙڪائيندي آهي، اھا پاڻ سان گڏ ڀيانڪ معاشي تباهي به کڻي ايندي آهي. صرف ٻي عالمي جنگ تي تقريبن 4 کرب ڊالر خرچ ٿيا، جڏهن ته بعد ۾ ٿيندڙ ڪوريا، ويٽنام، عراق، افغانستان ۽ هاڻوڪي روس- يوڪرين جنگين تي لکين ڪروڙ ڊالر خرچ ٿي چڪا آهن. اندازن موجب جنگين تي مجموعي خرچ 100 کرب ڊالرن کان به وڌيڪ ٿيندو. جيڪڏهن اهي وسيلا انساني ڀلائي لاءِ جيئن، صحت، تعليم، ماحول يا تحقيق تي خرچ ڪيا وڃن ها ته دنيا جي بيھڪ اڄ کان مختلف ھجي ھا ۽ عالمي غربت به گهٽ ھجي ھا. جنگ انساني تهذيب، نفسيات، ۽ ماحول کي به سخت نقصان پهچايو آهي. سڙندڙ لاش، پناهگير ڪيمپون، برباد شهر، ۽ ثقافتي ورثن جون تباهيون، جنگ جا بدترين اثر آهن. جديد هٿيارن جي ڊوڙ، خاص طور ايٽمي هٿيارن جي واڌ، جنگ کي خطري کان وڌيڪ ڪاروبار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هيءَ روش عالمي امن لاءِ دائمي خطرو بڻجي چڪي آهي.
جنگ مستقبل جي تڪرارن جو بنياد به آهي. جيئن ورسائي معاهدو، جيڪو پهرين عالمي جنگ کانپوءِ جرمنيءَ تي سخت شرطن سان مڙهيو ويو، ان نازي سوچ کي اڀاريو جيڪو ٻي عالمي جنگ جو بنياد بڻيو. مطلب ته جنگ رڳو رت جي راند نه هوندي آهي، پر اھا هڪ دائمي دشمني جو سبب به آهي، جيڪا هر نسل کي متاثر ڪندي رهي ٿي. جنگي صنعت منافعو ڏيندڙ ڪاروبار بڻجي چڪي آهي. آمريڪا جي عراق ۽ افغانستان جنگين مان واضح آهي ته اربين ڊالرن جا ٺيڪا هٿيار ٺاهيندڙ ڪمپنين، سيڪيورٽي ايجنسين، ۽ تعميراتي ٺيڪيدارن کي مليا، جڏهن ته آمريڪي عوام کي مهانگائي، بي روزگاري ۽ بجيٽ خساري جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. اهي ادارا، جن جا مفاد جنگ سان واڳيل آهن، اڪثر ڪري ان جا حمايتي ھوندا آهن، ڇاڪاڻ ته جنگ انهن لاءِ فائديمند هوندي آهي. عراق جنگ، جو شروعاتي خرچ ٽي کرب ڊالرن کان مٿي هو، جنھن آمريڪي معيشت تي شديد ناڪاري اثر ڇڏيا. زخمين جي طبي سار، فوجين جي پينشن، ۽ وياج جي ادائگي سميت، انهن جنگين جا خرچ ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين آمريڪي عوام جي ٽيڪسن مان ادا ٿيندا رهندا. جيڪڏھن ايتري وڏي رقم انساني ترقيءَ جي منصوبن تي خرچ ٿئي ها ته دنيا لاءِ اهو وڌيڪ فائديمند ھجي ها.
جنگ وسيلن جي قدرتي وهڪري کي به بگاڙي ٿي. جيڪي وسيلا عوامي فلاح جيئن تعليم، صحت، ماحول، ۽ سماجي تحفظ تي خرچ ٿيڻ گهرجن، اهي هٿيارن جي خريد، فوجي اڏن، ۽ جنگي ساز و سامان تي ضايع ٿين ٿا. نتيجي ۾ انساني ترقي رڪجي وڃي ٿي، معاشرتي عدم توازن وڌي ٿو، ۽ دنيا وڌيڪ غير محفوظ بڻجي ٿي. پاڪستان ۽ هندستان درميان لاڳاپا 1947ع کان ڇڪتاڻ، تڪرار، ۽ جنگين سان ڀريل رهيا آهن، خاص ڪري ڪشمير مسئلو بار بار تڪرار جو سبب بڻيو آهي. 1947ع واري پهرين پاڪ-ھند جنگ ڪشمير مسئلي سبب ٿي، جنهن ۾ هزارين جانيون ضايع ٿيون. 1965ع ۾ ٻي جنگ به ساڳي تڪرار تي هئي، جنهن ۾ 6000 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. 1971ع جي جنگ، جنهن اوڀر پاڪستان کي الڳ ڪري بنگلاديش جوڙي ڇڏيو، ان ۾ 9000 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون ۽ لکين ماڻهو لڏي ويا. 1999ع جي ڪارگل جنگ به سوين فوجي جانيون وٺي وئي. هيءَ جنگي تاريخ ٻڌائي ٿي ته وقت گذرڻ سان ٻنهي ملڪن جي دشمني، بي اعتمادي، ۽ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ اضافو ئي ٿيو آهي. جنھن ڪري علائقائي ترقي، امن، ۽ عوامي ڀلائي سخت متاثر ٿيا آھن.
مالي لحاظ کان به هي جنگيون ڳرو بوجھ بڻيون آھن. 1965ع واري جنگ تي صرف پاڪستان جو خرچ اندازن 2 ارب ڊالر هو، جڏهن ته 1971ع جي جنگ تي ٻنهي ملڪن جو گڏيل خرچ ڪيترائي ارب ڊالر هو. ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ، دفاعي تيارين ۽ هٿيارن جي خريداري تي اربين ڊالر خرچ ٿيا، جيڪي ٻين سماجي شعبن جهڙوڪ تعليم ۽ صحت تي لڳڻ گهرجن ها. فلسفي، مذهب، ۽ بين الاقوامي قانون جنگين بابت مختلف ۽ ڪڏهن ڪڏهن اختلافي رايا ڏين ٿا. مشھور ڏاھن افلاطون ۽ ارسطوءَ جنگ کي صرف مخصوص حالتن ۾ ضروري يا جائز سڏيو آھي، جڏهن ته ٽالسٽاءِ ۽ ڪانٽ ان کي اخلاقي قدرن ۽ انساني ترقي سان رد ڪن ٿا. مارڪس جنگ کي طبقاتي جدوجهد سان جوڙي ٿو، ۽ ريئلسٽ نظريو ان کي عالمي سياست جو اڻٽر نتيجو سمجهي ٿو. فلسفي جنگ کي تڏهن درست سمجهن ٿا، جڏهن اها آخري حل هجي ۽ انصاف جي بحالي لاءِ ھجي. گڏيل قومن جا قانون به جارحاڻي جنگ جي مخالفت ڪن ٿا، پر ملڪ انهن قاعدن جي پنهنجي مفادن مطابق تشريح ڪندا رهيا آهن. مجموعي طور، جنگ جي صحيح يا غلط جو فيصلو مخصوص حالتن، ارادن، ۽ نتيجن تي ھوندو آهي.
آخر ۾، اهو چئي سگهجي ٿو ته جنگ ڪا بهادريءَ جي علامت نه، پر انسانيت لاءِ هڪ مسلسل اذيت جو سبب بڻي آهي. دنيا کي اڄ به جنگين بدران ڳالهين، هٿيارن بدران تعليم، ۽ دشمنين بدران ڀائيچاري جي ضرورت آهي. امن ئي انسانيت جي بقا جو رستو آهي، ۽ ان لاءِ جنگ کان انڪار، ۽ انسان دوست پاليسين جي چونڊ ضروري آهي. جنگ پنهنجي فطرت ۾ فقط گوليون، بارود ۽ ڀڃ ڊاھ ناهي، بلڪه اها انساني شعور، اخلاق ۽ تهذيب جي وڏي آزمائش آهي. تاريخ شاهد آهي ته جنگين قومن کي ظاهري طور فتحون ته ڏنيون، پر اھي هزارين بيگناهن جي موت، شهري تباهين، اخلاقي زوال، ۽ نفسياتي دٻاءَ جي قيمت تي مليون. جنگ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل سياسي فائدا به عارضي رهيا، جڏهن ته ان سان پيدا ٿيل انساني الميو نسلن تائين پنهنجا نشان ڇڏيندو رهي ٿو.
جنگ ڪڏهن به صرف ٻن قومن يا رياستن وچ ۾ نه رهي آهي، بلڪه ان جا اثر پوري دنيا تي پون ٿا. عالمي جنگين کان وٺي علائقائي تڪرارن تائين، سڀني جا نتيجا پناهگيرن جي لڏپلاڻ، خوراڪ جي کوٽ، بيمارين جي واڌ، تعليم ۽ ترقي جي رڪاوٽن جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا. معيشت جو لاڙو جنگي صنعتن جي واڌاري ڏانھن هجي ٿو، جتي امن، صحت، ۽ علم جي شعبي کي پٺتي ڌڪيو وڃي ٿو.
اخلاقي ۽ انساني لحاظ کان به جنگ ڪنهن مهذب سماج لاءِ فخر جوڳي نٿي ٿي سگهي. هزارين سالن جي تهذيبي ترقيءَ باوجود، جيڪڏهن انسان اڄ به مسئلن جو حل بمبارين ۽ هٿيارن ذريعي ڳوليندو رهي ٿو ته پوءِ تهذيب جو دعويٰ ئي مشڪوڪ ٿئي ٿي. جنگ نه رڳو جسماني موت آڻي ٿي، پر اميد، ڀائپي، ثقافت، ۽ خوابن جي به بي رحماڻي قتل جو نالو آهي. ان ڪري، جنگ جي انساني سماجن ۾ ڪا جاءِ نه هئڻ کپي. عالمي قيادت، رياستون، ۽ قومون جيڪڏهن واقعي ترقي، امن ۽ استحڪام چاهين ٿيون ته کين هٿيارن جي ڊپلوميسيءَ بدران گفتگو، رابطن، ۽ انصاف تي ٻڌل پاليسين کي هٿي ڏيڻي پوندي. تعليم، شعور، ۽ انسان دوستيءَ جي واڌ واپار بدران جنگين جي واپار کي رد ڪرڻ سان ئي هڪ پائيدار، خوشحال، ۽ محفوظ دنيا ممڪن بڻجي سگهي ٿي.