اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڪنهن به وقت جنگ لڳي سگهي ٿي، هندستان کي تباهه ڪري ڇڏينداسين، ان اسان جو پاڻي روڪيو ته اسان کيس ان ئي پاڻي ۾ ٻوڙي مارينداسين. ڀارت سان جنگ اڻٽر ٿي وئي، خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسان جي سرزمين جي ٽڪڙي تي قبضي جي حڪمت عملي هندستان کي تمام گهڻي مهانگي پوندي، جارحيت يقيني بڻجي وئي، هندستاني حڪمرانن پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي ان ۾ ٻڏي مرندا، ڀارت پاڻي روڪڻ لاءِ اڏاوتون ڪيون ته اسان ان کي تباهه ڪري ڇڏينداسين. دفاع واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته هندستان کي اهڙو سبق سيکاريو ويندو جو آئينده جنگ جي لفظ کان ئي ڏڪندو، پاڪ فوج مڪمل تيار آهي، دشمنن جا سمورا ارادا ناڪام بڻايا ويندا.

نئين دهلي/اسلام آباد(م ڊ) هندستان جي جنگي جنون ۾ واڌ اچي وئي، 300 ويڙهاڪ جهاز پاڪستان جي سرحد وٽ مقرر ڪري ڇڏيا، سرحدن وٽ جنگي ماحول پيدا ٿي ويو، هندستاني فوج جو چوڻ آهي ته سرجيڪل اسٽرائيڪ نه ٿيندي، جنگ لاءِ تياري مڪمل آهي، پاڪستان کي اڳ جيان شڪست ملندي. پرڏيهي خابرو اداري موجب راجستان ۾ مسلسل ڀارتي فوجي مشقن جو عمل جاري آهي، هندستاني وزيراعظم نريندر مودي 24 ڪلاڪن اندر پنهنجي ٽيم سان ملاقات ڪئي، جنگ ڪيئن ڪجي، ۽ ڪٿان کان شروع ڪجي سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو. نريندر مودي جو چوڻ هو ته پهرين اسان جو پاڻي ٻاهر ويندو هو، هاڻي اهو پاڻي ڀارت ۾ ئي استعمال ٿيندو. خانگي ٽي وي جي سينيئر صحافي شهزاد اقبال موجب هندستان طرفان 300 کان وڌيڪ جنگي جهاز پاڪستان جي سرحد وٽ ايئربيسز تي مقرر ڪيا ويا آهن. ڀارت جي جنگي جنون جي مقابلي ۾ پاڪستان به پنهنجون تياريون وڌائي ڇڏيون. 250 جهاز سرحدن وٽ موڪلي ڇڏيا. ڀارت پاران رافيل، ميراج 2000 ۽ سخوئي 300 جهازن جون مشقون اڄ ۽ سڀاڻي ٿينديون. 244 سرحدن ضلعن ۾ اڄ اربع کان سول ڊفينس جون مشقون به ٿينديون. والاريل ڪشمير، نئين دهلي ۽ لکنئو ۾ اڄ اسڪولن جي ٻارن ۽ عام شهرين کي خطري جا سائرن وڄڻ جي صورت ۾ بچاءَ جون مشقون ڪرايون ويون.