جنگشاهي (ن پ ا) جنگشاھي جي رھواسين توڙي سول سوسائٽي پاران يوسي جنگشاھي، يوسي ڪوھستان ۾ بجلي، لوڊشٽينگ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو جنگشاھي شھر ۾ سماجي اڳواڻ ڪوھستان ڊولمينٽ آرگنائيزيشن جي صدر پيرغلام حسين شاهه، منير بروھي، رانا اقبال، محمد شفيق جوکيو جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت احتجاج ڪندي چيو ته سالن کان وٺي يوسي جنگشاھي ۽ يوسي ڪوھستان ۾ ڊگھي لوڊ شيڊنگ ڪري رھواسي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن، ويتر بجلي جي اڻ اعلانيه لوڊشيڊنگ سبب پاڻي جو بحران وڌي ويو آھي، جنھن ڪري شھري پئسن تي پاڻي خريدڻ تي مجبور بڻيل آھن. ان کانسواء ڪوھستاني پٽي ۾ قائم ٿيل ونڊ ڪمپنين ۾ مقامي نوجوان کي روزگار به نٿو ملي، جنھن ڪري بيروزگاري ۾ اضافو ٿي ويو آھي، ھنن گھر ڪئي ته بجلي جي اڻ اعلانيه لوڊشيڊنگ ختم ڪري يو سي جنگشاهي ۾ چئن ڳوٺن جي منظور ٿيل 18 ڪروڙ روپين واري سولر سسٽم واري اسڪيم جلد مڪمل ڪري ڳوٺاڻن کي صاف پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪري شھرين کي پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جي دائري کي وڌائي ڊي سي ٺٽو آفيس ٺٽو اڳيان پڻ سخت احتجاج ڪيو ويندو.