جنگشاھي (ن پ ا) عوامي تحريڪ ٺٽي ضلعي جي قيادت پاران 31 ڊسمبر 2024 جي شام سال جو آخري سج لهڻ کان ڪجهه منٽ اڳم رسول بخش پليجو جي آخري آرامگاهه تي ضلعي جي صدر عبدالرزاق چانڊيو، مرڪزي اڳواڻ مٺان خان لاشاري، گھنور خان  سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪن رسول بخش پليجو تي گلن چادر چاڙھي سلام پيش ڪئي، عوامي تحريڪ صدر صحافين سان ڳالھيندي چيو ته  سنڌو درياهه تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف جدوجهد جاري رکڻ جو وچن ڪيو آهي، رسول بخش پليجي سنڌو درياهه بچائڻ لاءِ جدوجھد ڪئي، هن سنڌ جي عوام ۾ شعور پيدا ڪيو، عوامي تحريڪ پليجي جي واٽ تي هلندي جدوجھد کي جاري رکيو آهي، سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ سنڌو جي بچاءُ لاءِ اڃا به جدوجھد جي ميدان ۾ اڳڀري آهي، هنن چيو ته نئون سال درياهه بچائڻ لاءِ جدوجهد جو سال هئڻ گهرجي،
پيج3