جنگشاهي(ن پ ا) جنگشاھي لڳ ڳوٺ سبزعلي بروھي جي پورھيت احسان بروھي جي معصوم نياڻي حريم فاطمه کي رورل هيلٿ سينٽر ۾ مبينا طور مدي خارج ٽڪو لڳڻ سبب موت واقع ٿيڻ تي 4 مهينن هي ٻارڙي حريم فاطمه جي وارثن پورھيت احسان بروھي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو رورل هيلٿ سينٽر جي انتظاميه خلاف احتجاج ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو، ان موقعي تي بروهي برادري جي ماڻهن چيو ته مدي خارج ٽڪو هڻي 4 مهينن جي حريم کي قتل ڪيو ويو آهي، ملوث عملي خلاف قدم کڻي انصاف مهيا ڪيو وڃي.