جنگشاھي (ن پ ا) ٺٽي ضلعي جي قديمي ريلوي اسٽيشنن جنگشاهي ۽ جهمپير تي عوامي ايڪسپريس جا اسٽاپ ختم ڪرڻ خلاف سياسي سماجي اڳواڻ پير غلام حسين شاھ، منير بروهي، ظفر بروهي، حاجي گل محمد جوکيو، مير صدام بروهي، علي اڪبر ڪشميري، مرتضيٰ پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي جنگشاهي ريلوي اسٽيشن تي نعريبازي ڪئي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڪستان ريلوي انتظاميا پرائيوٽ ٽرانسپورٽ جي مالڪن سان ملي ڀڳت ڪري عوامي ايڪسپريس جو اسٽاپ ختم ڪيو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته عوامي ايڪسپريس جو اسٽاپ بحال ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ ڌرڻو ھنيو ويندو.