جنگشاهي(ن پ ا) جنگشاهي هيلٿ سينٽر ۾ ٻارڙي کي لڳايل ٽُڪي واري هنڌ ناسور ٿي ويو، ٻارڙي جي داءُ تي لڳل لاپرواهه عملي خلاف ڪارروائي ۽ سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو مطالبو وارثن موجب جنگشاهي ڀرسان ڳوٺ سبزعلي خان بروهي جي رھواسي پورهيت احسان بروهي جي 4 مهينن جي معصوم ٻارڙي حريم فاطمه کي ڪجھه ڏينهن اڳ جنگشاهي جي رورل هيلٿ سينٽر مان 4 مهينن وارو ٽڪو لڳرايو ويو، جنهن بعد ٻار کي ٽڪي واري هنڌ انفيڪشن ٿيڻ لڳو ته وارثن ٻيهر ٻارڙي کي رورل هيلٿ سينٽر آڻي ٽڪو لڳائيندڙ ويڪسينيٽر ۽ اسپتال انچارج کي ٻارڙي جو انفيڪشن ڏيکاريو ته انهن معمولي مسئلو قرار ڏئي کين ٽاري ڇڏيو، بعد ۾ انفيڪشن وڌي وڃڻ تي ٻارڙي جا وارث اسپتال آيا ته ويڪسينيٽر ۽ اسپتال انچارچ لاتعلقي ظاهر ڪندي کين چيو ته هي ڪيس اسان جو ناهي، ڪراچي ۾ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڏيکاري علاج ڪرايو، اسان ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون، جنهن بعد ٻارڙي جي وارثن غربت سبب ٻارڙي حريم فاطمه کي سول اسپتال ٺٽو ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، پر اتي به بهتر علاج جون سهولتون ميسر نه هجڻ ڪري ڊاڪٽرن پاران ڪراچي ريفر ڪرڻ جو ليٽر سندن حوالي ڪري ڇڏيو آهي،