جنگشاهي(ن پ ا) جنگشاهي ريلوي اسٽيشن تي ٽڪيٽ ڪلرڪ جي نامناسب روين خلاف مسافرن جو احتجاج، نواب شاهه ويندڙ مسافرن غلام حيدر چانڊيو، ڪامل جمالي علي، دوست جمالي ۽ منظور جمالي احتجاج ڪندي چيو  آهي ته اسان فيملي سميت سترهن ٽڪيٽون خريد ڪرڻ پئي چاهيون پر معمولي ڳالهه تان ٽڪيٽ ڪلرڪ بدمعاشي ڪري اسان کي موٽائي ڇڏيو، جڏهن ته ملتان يا ملڪ جي ٻين شهرن ڏانهن سفر ڪندڙن سان پڻ اهڙو ورتاءَ ڪيو ويندو آهي، ته جيئن جنگشاهي اسٽيشن تان ٽرينن جا اسٽاپ ختم ڪيا وڃن ۽ اسان بنا ڪم ڪار جي مفت پگهارون کڻندا رهون، ڪراچي توڙي سنڌ جي ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ مسافرن مطالبو ڪندي چيو ته ٽڪٽ ڪلرڪ کي فوري طور هٽائي ايماندار ۽ محنتي ڪلرڪ مقرر ڪيو وڃي.