جنگشاھي(ن پ ا ) جنگشاهي واسي نوجوان ڪراچي ۾ 11 منزل بلڊنگ تان ڪري فوت، تفصيل موجب جنگشاھي جي ڳوٺ صفر جوکيو جو رھواسي 26 ورهين جو نوجوان محمد ساجد جوکيو پٽ محمد حسين جوکيو مزدوري سانگي ڪراچي ۾ رھندو ھو، ڪراچي ڪلفٽن واري علائقي ۾ 11 منزل بلڊنگ تان پرسرار نموني ڪري فوت ٿي ويو، فوتي کي جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪري وارثن جي حوالي ڪيو ويو، اھڙو اطلاع اباڻي ڳوٺ محمد صفر جوکيو جنگشاھي ۾ ملندي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، فوتي نوجوان جو ھڪ پٽ جو پيءُ هو.