جنگشاھي(رپورٽ: اويس رئوف بروھي) جنگشاهي جا 7 ڳوٺ جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم، ڳوٺاڻڻ جو احتجاج خبر موجب جنگشاھي لڳ چاڙھي اسٽاپ، ڳوٺ عالم شير جوکيو، ڳوٺ جمعون ميربحر، ڳوٺ خان محمد خاصخيلي، ڳوٺ پير غلام علي شاھه، ڳوٺ عبدالله جوکيو، ڳوٺ عارب خاصخيلي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ جديد دور ۾ به پيئڻ جي پاڻي سميت بنيادي سهولتون ميسر ناهن، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن سماجي اڳواڻ پير غلام حسين شاهه، محمد اسحاق جوکيو، رمضان ميربحر، نور احمد، شفيق جوکيو، عبدالجبار جوکيو، مبين ملاح، خميسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ڳوٺاڻن مطالبو ڪندي چيو ته اسان جديد دور ۾ به پٿر واري دور جهڙي زندگي پيا گذاريون، هنن چيو ته صحت، تعليم، روزگار، روڊ، بجلي، گيس سميت بنيادي سھولتون اسان جو حق آهي، حق نه مليو ته سخت احتجاج ڪنداسين.