غزه / تل ابيب / واشنگٽن (م ڊ) غزه ۾ جنگبندي معاهدي جي اعلان باوجود اسرائيل جا والاريل پٽي تي حملا رڪجي نه سگهيا، تازن حملن ۾ 81 فلسطيني شهيد ۽ 188 زخمي ٿي پيا. غزه جي سول ڊفينس ايجنسي موجب اربع تي اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي جي معاهدي واري اعلان کان پوءِ اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 81 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ايجنسي جي ترجمان ٻڌايو ته جنگبندي جي اعلان باوجود حملا ناهن رڪجي سگهيا، اسرائيل طرفان حملا غزه پٽي جي مختلف علائقن ۾ ڪيا ويا. جن مان 81 فلسطيني صرف غزه ۾ شهيد ٿيا. حماس ترجمان جو چوڻ آهي ته اسان ثابت ڪري ڇڏيو ته اسرائيل ناقابل شڪست آهي، سمورن ماڻهن کي سلام پيش ڪريون ٿا جيڪي ان عظيم ۽ مقدس جنگ ۾ شريڪ ٿيا. جنگبندي بابت ڪيل پنهنجين ڳالهين تي قائم آهيون.  رپورٽ موجب جنگبندي معاهدي لاءِ ڪالهه اسرائيلي ڪابينا جو اجلاس ناهي ٿي سگهيو، ان حوالي سان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو الزام لڳائيندي چيو ته حماس آخري وقت ۾ معاهدي کان پوئتي هٽي رهي آهي، هوڏانهن اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته غزه جنگبندي معاهدو آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ اوڀر لاءِ نمائندي اسٽيون وٽڪوف جي نيتن ياهو تي سڌي دٻاءَ سبب ممڪن ٿيو.