ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) جنگبندي: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 6079 پوائنٽن جو ريڪارڊ اضافو: سيڙپڪارن 714 ارب ڪمايا، ان ڏس ۾ ڪالهه صبح جو 100انڊيڪس 5878 پوائنٽن جي واڌ سان 122045 پوائنٽن تي پهتي، جڏهن ته  شام ڌاري انڊيڪس 6079 پوائنٽن جي واڌ سان 122246 پوائنٽن تي بند ٿي، ڪالهه انڊيڪس 2355 پوائنٽس سان بنيڊ پڻ رهي، جڏهن ته انڊيڪس۾5 سيڪڙو اضافو ٿيڻ بعد ڪجهه وقت لاءِ ڪاروبار بند ڪيو ويو، ٻئي طرف مارڪيٽ ۾37ارب 61 ڪروڙ رپين جي ماليت  جا 80 ڪروڙ 47 لک شيئر وڪرو ٿيا، تيزي سبب سيڙڪارن 714 ارب ڪمايا، مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن  وڌي 14778اربن تي پهچي وئي .