جنهن ڏينهن عمران خان کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻو هوندو گرفتار ڪنداسين: راڻا ثناءُ الله

0
107
جنهن ڏينهن عمران خان کي گرفتار ڪري
جنهن ڏينهن عمران خان کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻو هوندو گرفتار ڪنداسين: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جنهن ڏينهن عمران خان کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻو هوندو گرفتار ڪنداسين، ڪالهه ٻڌوسين ته عمران خان پاڙيسريءَ جي ڀت ٽپي لڪي ويو هو، ڪالهه گرفتاريءَ لاءِ ويل پوليس جي ٽيم سان وڏو ڊرامو ڪيو ويو

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران  راڻا ثناءُ الله چيو ته اليڪشن ملتوي ڪرڻ بابت مولانا فضل الرحمان جي راءِ اهميت رکي ٿي، مولانا جي راءِ تي پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ غور ڪيو ويندو

هن چيو ته عدالت جڏهن عمران خان جي گرفتاري جو حڪم ڏنو ته اُن ڏينهن کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪنداسين

راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڊراما ڪري رهيو آهي، ٻڌو آهي ته عمران خان ڀت ٽپي ويو هو

هن کي به پڙهندا

نيب ٽيم عمران خان کي نوٽيس ڏيڻ بنا واپس رواني: عمران سمجهي ٿو ته کيس باقيات بچائيندي: مريم نواز