اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت جي اهم اتحادي پاڪستان پيپلزپارٽي فيصلن ۾ اعتماد ۾ نه وٺڻ تي حڪومتي اتحاد ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، پ پ جي ترجمان شازيه مري، ميري ٽائيم اينڊ سي پورٽ اٿارٽي جي قيام جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ سخت رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت مسلسل اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي جن متعلق اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي، پاڪستان ميري ٽائيم اينڊ سي پورٽ اٿارٽي جي قيام تي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو. اٿارٽي قائم ڪرڻ واري فيصلي بابت سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ٻنهي کي ڪا به خبر ناهي. اهي بار بار اهو چئي رهيا آهن ته وفاقي حڪومت کي پيپلز پارٽي جي حمايت حاصل آهي، جنهن ڏينهن هي حمايت ختم ڪنداسين ته وفاقي حڪومت به ختم ٿي ويندي، شايد مسلم ليگ ن کي ان ڳالهه جو احساس ناهي. شازيه مري چيو ته ڪافي عرصي کان مطالبو ڪندا رهيا آهيون ته قومي مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرايو وڃي،11 مهينا گذري ويا پر اڃا تائين گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس نه ٿي سگهيو آهي. آئين جي مسلسل ۽ کليل ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، وزيراعظم آئيني طور تي ٽن مهينن ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو پابند آهي. شازيه مري مطالبو ڪيو ته ميري ٽائيم اينڊ سي پورٽ اٿارٽي جي قيام جو معاهدو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آندو وڃي. ڇا اهم قومي معاملن تي آئين کي سبوتاز ڪرڻ، اتحادين ۽ صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ فيصلو ڪرڻ عقلمندي آهي؟ وفاقي حڪومت جو رويو سمجھه کان ٻاهر آهي ۽ اهو خال وڌندو. ملڪ کي آئيني ۽ قانوني اصولن تي هلايو وڃي ته بهتر ٿيندو. ميري ٽائيم سيڪٽر تي ٽاسڪ فورس جي سفارشن، بحري معاملن ۽ جي پي ٽي تجويزن کان اڳ اتحادين ۽ صوبن کان به راءِ ورتي وڃي.